14 اڱارو , آگسٽ 2018

وري تڪراري ذوالفقار آباد رٿا جو رينگٽ

سنڌ اسيمبليءَ جي گذريل اجلاس ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ڪيئي ميمبرن ڪيترن ئي معاملن تي بحث ڪيا، ڪيئي رٿائون پيش ڪيون ويون ۽ ميمبرن جي مخالفتن جي باوجود سنڌ اسمبيليءَ ۾ حڪومت چار بل پاس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، جن ۾ ذوالفقار آباد رٿا تي ٻيهر ڪم شروع ڪرڻ وارو بل به شامل آهي، اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سنڌ جي سينيئر وزير نثار کهڙي ميمبرن جي اعتراض جا جواب ڏيندي چيو ته ذوالفقار آباد واري رٿا تي ڪيئي ڪيسن سبب ڪم رڪجي ويو هو ۽ هاڻي اسٽي آرڊر وٺڻ بعد انهيءَ منصوبي تي ٻيهر ڪم شروع ڪري رهيا آهيون، هُن وڌيڪ اهو به چيو ته ذوالفقار آباد منصوبي تحت هڪ معاشي زون ٺاهڻ جي ڪوشش آهي پر مسلسل اعتراضن سبب ائين ممڪن ٿي نه سگهيو آهي، ذوالفقار آباد منصوبي سان مقامي ماڻهن کي خوشحالي ۽ علائقي کي ترقي نصيب ٿيندي.

سينيئر وزير ذوالفقار آباد متعلق جن به اعتراض وارن نقطن تي جواب ڏنا، اهي پنهنجي جاءِ تي پر اهڙي بحث دوران اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن مان نصرت سحر عباسي کائنس اهو به پڇيو ته، ” مقامي ماڻهن کي اعتراض ڪهڙا آهن، اهي به ته ٻڌايو“.  اسان اسيمبليءَ جي اهڙي بحث تي ڪو وڌيڪ بحث ڪرڻ پسند نه ڪنداسين، پر سنڌ جي سينيئر وزير ۽ پ پ  جي قيادت کان فقط ايترو پڇڻ چاهينداسين ته، ” ترقي ڪنهن کي نه ٿي کپي؟“، دنيا جو ڪو اهڙو ماڻهو، ڪا اهڙي قوم، ڪو اهڙو طبقو ۽ ڪو اهڙو ساهه وارو کڻي نه هجي پنهنجي ماحول ۽ علائقي ۾ رهندي ترقي ان کي به گهرجي ٿي، پوءِ سنڌي عوام کي ترقي ڇو نه ٿي کپي؟.

پ پ سنڌ ۾ گذريل چئن ڏهاڪن کان اثر رکي ٿي، چئن جي لڳ ڀڳ صوبائي ۽ چئن جي لڳ ڀڳ وفاقي حڪومتن ۾ رهي آهي، ڇا؟ سنڌ ۾ ترقيءَ جي عمل لاءِ چار حڪومتون ۽ چاليهه سال ڪافي ناهن.

سوال سنڌي عوام جي ترقيءَ جو آهي ته اسان کي اها ڳالهه قطعي طور تي سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته سنڌي عوام ذوالفقار آباد سميت اهڙن سمورن صنعتي منصوبن، رٿائن جي مخالفت ڇو ٿو ڪري؟ هاڻي ذوالفقار آباد ۽ اڳ نوري آباد، سنڌي عوام نوري آباد جي به مخالفت ڪري چڪو آهي. معاملو ڇا آهي؟ اها ڳالهه نه پيپلز پارٽيءَ جي قيادت سمجهڻ ٿي گهري ۽ نه ئي پيپلزپارٽيءَ جي ٿنڪ ٽئينڪ جيڪڏهن آهي ته. سنڌين جي اها بدقسمتي آهي جيڪا ٺاهي جوڙي سندن مٿي ۾ هنئي وئي آهي.  سنڌ جنهن کي پنهنجا ست سامونڊي بندر آهن، جن مان ٽي قدرتي طور تي گهرا بندر آهن، سنڌ جي گاديءَ وارو هنڌ هڪ ميٽروپوليٽن سٽي آهي. سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ ڪيئي صنعتي زون آهن.سنڌ ۾ اڳ جيڪي صنعتي زون موجود آهن انهن ۾ نوري آباد، سنڌ انڊسٽريل پراسسنگ زون، اورنگي، ڪورنگي، شير شاهه، سائٽ ايريا اهم آهن.   هڪ اندازي موجب فقط ڪراچيءَ ۾ ئي نڍين وڏين فيڪٽرين جو انگ پنجاهه هزارن جي لڳ ڀڳ آهي، جن ۾ ڪي پنجاهه لکن جي لڳ ڀڳ پورهيت ڪم ڪن ٿا، ان کان سواءِ سائٽ ايرياز الڳ آهن، ڪراچي شپ يارد، ڪراچي اسٽيل مل الڳ آهي.

هاڻي جيڪڏهن ان ڳالهه جو جائزو وٺنداسين ته انهن صنعتن ۾ سنڌين جون صنعتون ڪيتريون آهن، انهن صنعتن ۾ سنڌي مزدور ڪيترا آهن. ان کان اڳتي جيڪڏهن پڇيو وڃي ته اسٽيل مل ۾ سنڌي پورهيت ڪيترا آهن، ۽ ڪراچي شپ يارڊ ۾ ڪيترا سنڌ ڪم ڪن ٿا ۽ هر سال ڪيترن سنڌين کي ايپنرٽس شپ ڏني وڃي ٿي،

ان کان اڳتي جيڪڏهن ڏسنداسين ته ڪراچيءَ جي پورٽ تي ڪيترن سنڌي مزدورن کي مزدوري ڪرڻ جي اجازت آهي. پر جيڪڏهن ان کان اڳتي ڏسجي ته سنڌ ۾ انڊسٽريل ايرياز ڪو ٽيهه سال اڳ کان قائم ٿيل آهن، پر اهي انڊسٽريل ايريا اڄ سوڌو ڪيئي بند آهن.

سنڌي سماج مجموعي طور تي هڪ جاگيردار سماج آهي، جنهن جي بدقمستي اها آهي ته سنڌ جي نام نهاد جاگيردارن سنڌ ۾ جاگيرداريءَ کي، وڏيرا شاهيءَ ۽ ڄٽ شاهيءَ کي ڄاڻي واڻي قائم رکيو آهي، جنهن ڪري سنڌي سماج هر سماجي ترقيءَ کان محروم رهيو آهي..

هاڻي جيڪڏهن هڪ مجموعي جائزو ورتو وڃي ته معلوم ٿيندو ته.  ورهاڱي بعد سنڌين کان سندن شهر کسي کين ڳوٺڻ ڏانهن ڌڪيو ويو، جنهن ڪري اهي شهري سماج جا ماڻهو نه ٿي سگهيا،  ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيندڙ سمورين صنعتن ۾ شروع کان وٺي ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو ۽ ڄاڻي واڻي سنڌين کي صنعتن کان پري رکيو ويو،  ڪراچيءَ جي اڪثر صنعتي ادارن جي دروازن تي لکيل هوندو ”سنڌين جي ڀرتين پابندي آهي“،  ڪراچي اسٽيل مل ۽ شپ يارڊ ۾ سنڌين جي ڀرتين تي قانوني طور تي پابندي هوندي هُئي. سنڌ جو ڊوميسائل رکندڙن کي نوڪري ملڻ جو حق ناهي، اها روش اڃان جاري آهي،

سنڌ ۾ انڊسٽريل ايرياز ۾ ڪي به صعنتون نه لڳيون جو سنڌي ماڻهو هاريءَ مان ڦري مزدور ٿئي ۽ مزدور مان ڦري فيڪٽريءَ جو مالڪ ٿئي، اها به بدقسمتي آهي جو پ پ پنهنجي شروعاتي دور ۾ سنڌ مان ٽيليگرام ۽ ٽيليفون انڊسٽري هري پور هزارهه منتقل ڪئي،  ڌاٻيجي صنعتي ايريا ۾ سنڌين جي داخلا تي پابندي آهي. ڪوٽڙيءَ مان ريلوي مرمت وارو ڪارخانو پنجاب منتقل ڪرڻ سميت ٻين بنيادي صنعتن کي پنجاب منتقل ڪيو، جنهن ڪري سنڌي سماج جي ترقي رڪجي وئي،

وڏي بدنصيبي ته اها آهي جو سنڌ ۾ جيڪي مونو ٽيڪنيڪل اسڪول قائم آهن، اهي ٻن بند پيل آهن ۽ انهن مان اڪثر تي پ پ جي اڳواڻن جا قبضا آهن.  مجموعي طور تي جڏهن صنعتي سماج ۾ سنڌين جي داخلا ئي ناهي، صنعتي سماج ۾ کين جڳهه ئي نه ٿي ڏني وڃي، صنعتي سماج جو هر رستو ۽ هر ترقي سندس لاءِ روڪي وڃي ٿي ته پوءِ سمورو سنڌي سماج اهڙي هر منصوبي جي مخالفت ڪندو ۽ اهڙي هر منصوبي جي مخالفت ڪرڻ سندس فرض به آهي.

اسين تاريخ جي هن موقعي تي پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي فقط اهو عرض ڪنداسين ته اوهان سنڌي عوام کي صنعتي دور ۾ داخل ڪريو بعد ۾ هو اوهان جي ڪنهن به منصوبي جي مخالفت نه ڪندو. نه ته ذوالفقار آباد جهڙا هڪ ڇا؟ هڪ هزار منصوبه نه ته کين فائدو ڏئي سگهندا ۽ نه ئي سنڌ ۾ ڪا خوشحالي آڻي سگهندا ۽ نه ئي سنڌي عوام انهن جي ڪا حمايت ڪندو.

آچر 22 اپريل 2018ع، 5 شعبان المعظم 1439 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

قطب رند جو ٽيون قاتل ڪير آهي؟

سنڌ جي آرٽسٽ ۽ تخليقار قطب رند جي قتل جي ڳجهارت جهڙوڪر هاڻي ڀڄي پئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے