16 خميس , آگسٽ 2018

ايڇ آر سي پي جو ڪارڪنن کي هراسان ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ انساني حقن جي غير سرڪاري تنظيم هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) پنهنجي هڪ عورت ڪارڪن کي هراسان ڪرڻ تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي اختيارين کان فوري طور ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. ايڇ آر سي پي هڪ بيان ۾ ٻڌايو آهي ته اسان جي ڪارڪن مريم حسن جي لاهور ۾ موجود گهر اندر ٻه ٻٽ ٻڌل ماڻهو داخل ٿيا ۽ لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ تائين اتي موجود رهڻ کانپوءِ مريم جو ليپ ٽاپ، ٻه هارڊ ڊرائيوز، فونز، زيور ۽ ڪجهه رقم به پاڻ سان گڏ کڻي ويا. بيان موجب ڄاڻايل ماڻهن مريم کي ٻڌايو ته اهي هڪ ڏينهن اڳ به آيا هئا پر چوري جي واردات نه ڪئي، ڇو ته ان وقت مريم گهر ۾ موجود نه هئي. هنن مريم کان سندس پيشيوراڻي مصروفيتن بابت پڻ سوال ڪيا. مريم حسن گهر ۾ اڪيلي رهندي آهي ۽ اهو واقعو خميس جي رات دير سان پيش آيو. مريم تازو ايڇ آر سي پي طرفان پاڪستان ۾ انساني حقن بابت جاري ڪيل رپورٽ به لکي آهي. تنظيم پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اهي ٻئي ماڻهو عام چور نه هئا، اسان پنجاب حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته کين گرفتار ڪري سندن سڃاڻپ واضح ڪئي وڃي. ايڇ آر سي پي ڪميشن سان لاڳاپيل ڪنهن به شخص کي رياستي يا غير رياستي عنصرن طرفان هراسان ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو ذميوار صوبائي حڪومت کي قرار ڏيندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج جو واسطو نواز شريف سان نه پر انصاف سان هو: مصدق ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته احتجاج جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے