16 خميس , آگسٽ 2018

آئين جي تحت اشتهاري قرار ڏيڻ سان اليڪشن وڙهڻ جي اهليت ختم ناهي ٿيندي: اسحاق ڊار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ بابت ڪيس ۾ پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته آرٽيڪل 62 جي تحت اشتهاري قرار ڏيڻ ڪنهن به شخص جي چونڊ اهليت ختم نٿو ڪري. تفصيل موجب اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار پنهنجي وڪيل سلمان اسلم بٽ جي ذريعي سينيٽ چونڊ ۾ حصو وٺڻ جي خلاف عدالت عظميٰ ۾ داخل درخواست جو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. 16 صفحن تي ٻڌل لکت واري جواب ۾ چيو ويو آهي ته اشتهاري قرار ڏيڻ سبب بنيادي آئيني حق ختم نه ٿيندا، چونڊن جي لاءِ اهليت جو معيار آرٽيڪل 62 ۾ ڏنو ويو آهي جڏهن ته ڪنهن عدالت طرفان اشتهاري قرار ڏيڻ آرٽيڪل 62 جي تحت اهليت ختم نٿو ڪري سگهي. اسحاق ڊار جي طرفان جمع ڪرايل جواب ۾ درخواست خارج ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ويو آهي ته کيس اشتهاري قرار ڏيڻ جي خلاف اپيل ٻڌڻي هيٺ آهي، دروخواستگذار طرفان کنيل نقطا اليڪشن کان پهرين کڻي سگهجن ٿا، ان تهت درخواست گذار جون اپيلون هاءِ ڪورٽ مان به خارج ٿيون، اليڪشن کان پهرين جا اعتراض چونڊن کان پوءِ نٿا کڻي سگهجن ۽ درخواستگذار اليڪشن کان پوءِ لاڳاپيل فورم سان رابطو ناهي ڪيو جڏهن ته درخواستگذار معاملي ۾ متاثر ڌر به ناهي آهي. عدالت عظميٰ کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته اسحاق ڊار جي نامزدگي وارن ڪاغذن تي اعتراض بينڪ اڪائونٽ جي حوالي سان لاڳو ڪيا ويا هئا جنهن تي ريٽرننگ آفيسر ڪاغذ رد ڪيا ته ان جي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ ٻنهي سيٽن جي لاءِ نامزدگي وارا ڪاغذ درست قرار ٿيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج جو واسطو نواز شريف سان نه پر انصاف سان هو: مصدق ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته احتجاج جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے