14 اڱارو , آگسٽ 2018

اسرائيلي فائرنگ ۾ وڌيڪ 4 فلسطيني شهيد

غزا (ويب ڊيسڪ) فلسطين ۾ وڌيڪ 4 ڄڻا اسرائيلي ظلم جو شڪار ٿيندي پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن. غزا جي طبي ذريعن موجب سرحد پار کان ڪئي ويندڙ اسرائيلي فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 فلسطيني شهيد ٿي ويا. ٻڌايو ويو آهي ته شهيد ٿيندڙن ۾ هڪ 15 ورهين جو ڇوڪرو به شامل آهن. هزارين فلسطيني گذريل ڪيترين ئي ڏينهن کان وٺي غزا پٽي ۾ اسرائيلي ناڪابندي خلاف احتجاج ۾ مصروف آهي. جمعي واري ڏينهن به ڪجهه هنڌن تي سرحدي ڀت تي پٿراءُ ڪيو ويو هو. مارچ جي پڇاڙيءَ کان جاري ٿيل ان احتجاج ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطنين جو مجموعي انگ 32 ٿي چڪو آهي، جڏهن ته 16 سئو کان وڌيڪ زخمي پڻ ٿيا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

چارسده ۾ جرڳي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا، 3 زخمي

asچارسده  ( ويب ڊيسڪ ) چارسده  علائقي بٽ گرام ۾ جرڳي دوران فائرنگ جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے