19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٿرڙي محبت : شهرين جو ٽائون چيئرمين خلاف احتجاج، بک هڙتال جو اعلان

* ٿرڙي ۾شهرين ٽائون چيئرمين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سڀاڻي کان بک هڙتال جو اعلان ڪيو آهي.

ايس يو پي جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن غلام مصطفيٰ چانڊيو، ذوالفقار سولنگي، ڊاڪٽر عبدالجبار گوپانگ سڪندر سوڍر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي ڪارڪنن "ڳولي ڏيو ڳولي ڏيو ٺيڪيدار ڳولي ڏيو“ ۽ ٽائون چيئرمين هٽايو جا نعرا هنيا.

ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته  ٿرڙي ٽائون جي ٺيڪيدار روڊ جو ڪم اڌ ۾ڇڏي شهرين کي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته بااثر ٺيڪيدار حق سچ چوڻ تي صحافين کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهد سهول چيئرمين ۽ ٺيڪيدار خلاف سومر تي ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو.

احتجاج ۾سرفراز ناريجو، ممتاز بروهي، صدرالدين جانوري، آزاد منگي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي…………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Tandojan Muhammad: Family members are behind us after marriage, Need protection: Couple

نيوز: ٽنڊوجان محمد: نڪاح بعد مائٽ سندن ويري بڻجي ويا آهن، تحفظ ڏنو وڃي:جوڙو

*ٽنڊوجان محمد ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي دانهيو آهي ته نڪاح بعد مائٽ سندن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے