19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: واهي پانڌي: سيف پاران هلندڙ اسڪول مان  سولر پليٽون چوري ٿيڻ  خلاف احتجاج

*واهي پانڌي  ڀرسان سيف پاران هلندڙ اسڪول شفيع محمد لنڊ مان سولر پليٽون چوري ٿيڻ خلاف اسڪول جي شاگردن ۽ استادن پاران احتجاجي مظاھرو  ڪيو ويو.

 صالح کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيبندي چيو تھ چار ڏينهن اڳ چور رات جو اسڪول اندر گهڙي چار سولر پليٽون کڻي فرار ٿي ويا ، اطلاع ڪرڻ باوجود پوليس ڪابھ ڪارروائي نھ ڪئي آهي.

هيڊ ماستر صالح کوسو ٻڌايو ته گرمي سبب ٻارن جي پڙهائي شديد متاثر ٿي آهي.

مظاهرين آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو تھ واقعي جو نوٽيس وٺي ملوث چورن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے