19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: مورو: ڪمند جي خوري کي ڏنل باهه مان  6 گهرن کي وڪوڙي وئي، 2 عورتون سڙي زخمي

*موري ويجهو ڪمند جي خوري کي ڏنل باهه 6 گهرن کي وڪوڙي وئي، باهه وسائڻ دوران 2 عورتون سڙي زخمي ٿي پيون.

ڳوٺ گل محمد جيسر ۾ ڪمند جي خوري کي ڏنل باھ گهرن کي لڳي وئي، جنهن سبب 6 گهر سڙي خاڪ ٿي ويا، باھ وسائڻ جي ڪوشش دوران ٻه عورتون سڙي زخمي ٿي پيون.

چڀڙ خان ، الله ڏتو ، رفيق احمد ، علي خان ۽ سينگار جيسر سميت 6 ڳوٺاڻن جي گهرن کي لڳل باهه سبب گهر ۾ پيل سونا زيور، اناج، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان سڙي ويو.

زخمي عورتن ۾ مير خاتون ۽ رحيمه شامل آهن.

اطلاع تي فائر برگيڊ پهچي  وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچايو.

هوڏانهن باهه متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، ڏانهن ڪو به چونڊيل نمائندو لڙي نه آيو…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

SobhoDero

نيوز | سوڀو ديرو: شهرين پاران واهه مان مئل ڍور نه ڪڍڻ تي انتظاميه خلاف احتجاج

سوڀي ديري ۾ شهرين پاران واهه مان مئل ڍور نه ڪڍڻ تي انتظاميه خلاف احتجاج …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے