19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: قصبو: ارڙي وبائي صورت اختيار ڪري ورتي،  هڪ وڌيڪ امڙ جي جهولي خالي

*ڪاڇي ۾ ارڙي وبائي صورت اختيار ڪري ورتي،  جنهن سبب هڪ وڌيڪ امڙ جي جهولي خالي ٿي وئي،  جڏهن تھ 25 کان وڌيڪ ٻار  دادو اسپتال ۾ داخل ڪيا ويا آهن.

ڳوٺ دُوآٻو ڀرسان ڪڻڪ جي لاباري لاءِ ڪاڇي جي جابلو پٽي مان آيل لاڏائو پورهيتن جي خيمن ۾ ارڙي جي وبا پکڙجي وئي.

ارڙي جي موضي مرض سبب   هڪ ٻارڙو  فوت  ٿي ويو۽ 25 ٻارن کي  سول اسپتال دادو جي ٻارڙن واري وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 6 ٻارڙن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ٻارن جي بيمارين جي ماهر ۽ ٻارن واري وارڊ جي انچارج ڊاڪٽر الله بخش ڪوريجو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو تھ ارڙي بابت اطلاع مليو ، جنهن بعد هو پاڻ وڃي بيمار ٻار کڻائي سول اسپتال دادو پهتو آهي.

هن چيو تھ ٻارڙن جي علاج ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏبي،  سرڪاري علاج بهتر نموني سان ڪري رهيا آهيون،  سول اسپتال ۾ ٻارڙن جي وارڊ ۾ ارڙي جي علاج لاءِ داخل ڪيل ٻارڙن کي الڳ وارڊ مهيا ڪيو آهي جتي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي……………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے