24 سومر , سيپٽمبر 2018

ميلريا جي خاتمي لاءِ جديد ٽيڪنالوجي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي:بل گيٽس

لنڊن(ويب ڊيسڪ) مائيڪرو سافٽ ڪمپني جي مالڪ بل گيٽس چيو آهي ته مليريا جهڙي موذي مرض کي ختم ڪرڻ جي لاءِ مڇرن جي سيٽلائٽ جي ذريعي نگراني ڪرڻ ضرورت بڻجي چڪي آهي، جنهن سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب لنڊن ۾ ٿيندڙ ”مليريا سمٽ“ کي خطاب ڪندي بل گيٽس چيو ته مليريا جي خاتمي جي لاءِ دنيا کي اهڙو ڪم ڪرڻا پوندا جيڪي ان کان اڳ ڪڏهن به ناهن ٿيا، جيئن جديد ٽينڪالاجي جو استعمال، جنهن جي مدد سان مڇرن جي حرڪتن ۽ افزائش جي نگراني ڪري سگهجي، بل گيٽس چيو ته ڊرون ۽ سيٽلائٽ جي ذريعي مڇرن جي نگراني کي ممڪن بڻايو ويندو ان لاءِ ميلريا جي خاتمي جي لاءِ مائيڪرو سافٽ 2 ارب ڊالر جي رقم مخصوص ڪئي آهي ته جئين رڳو 2016 ۾ 4 لک 45 هزار ماڻهن جي موت جو سبب بڻجندڙ هن بيماري کي مڪمل ختم ڪري سگهجي ۽ جديد ٽينڪالاجي جي استعمال کانسواءِ  هن بيماري مان جان آجي ڪرائڻ ممڪن ناهي. واضح رهي ته مليريا جي خاتمي لاءِ منعقد ٿيندڙ هن سربراهي ڪانفرنس ۾ شهزادي چارلس، 16 رياستن جي سربراهن ۽ مشهور واپارين پڻ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪينسر جي سبب هلندڙ سال هڪ ڪروڙ ماڻهو  پنهنجي جان مان هٿ ڌوئي ويهندا: رپورٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)طبي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ڪينسر 2018 ۾ هڪ ڪروڙ ماڻهن کي موت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے