25 جمعو , مئي 2018

دشمن طاقتون غير يقيني جي صورتحال پيدا ڪري رهيون آهن: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته دشمن طاقتون غير يقيني جي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، هي وقت دشمنن کان خبردار رهڻ جو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته اتر وزيرستان جي متاثر واپارين ۽ مقامي سول توڙي فوجي نمائندن سان سندس ملاقات سڀاڻي ٿيندي جنهن ۾ فاٽا سيڪريٽريٽ جا نمائندا به هوندا جڏهن ته ملاقات ۾ حقيقي مسئلن ۽ حل تي غور ٿيندو. هن چيو ته قبائلين جي اقتصادي بحالي سندن پهرين ترجيح آهي، فاٽا کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ قبائلين کي بااختيار بڻائڻ ۽ خوشحالي لاءِ اهم آهي.  ميجر جنرل آصف غفور چيو ته انشاءَ الله دشمن طاقتون ڪڏهن ڪامياب نه ٿينديون، هي اسان جو گهر آهي، گڏجي آهستي آهستي مڪمل امن آندو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريم نواز جي ڪٺهڙي ۾ هئڻ جو ذميوار نواز شريف آهي: مولا بخش چانڊيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے