25 جمعو , مئي 2018

اتر ڪوريا ائٽمي ۽ ميزائل تجربا روڪڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پيانگ يانگ ( ويب ڊيسڪ ) اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان ائٽمي ۽ ميزائل تجربا روڪڻ ۽ ميزائل ٽيسٽ سائيٽ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪم جونگ ان جو چوڻ آهي ته ائٽمي يا ميزائل تجربن جي هاڻي ضرورت ناهي. اتر ڪوريا جي سرڪاري خابرو ايجسني موجب ڪم جونگ چيو آهي ته اڄ کان ائٽمي هٿيارن جي تجربن لاءِ قائم ٿاڪن کي بند ڪيو پيو وڃي ۽ پيونگ يانگ هاڻي وڌيڪ ڪنهن به قسم جا  ائٽمي يا ميزائل تجربا نه ڪندو. هن چيو ته هاڻي اتر ڪوريا سڄي دنيا ۾ ائٽمي تجربا ختم ڪرڻ جي عالمي ڪوششن جو حصو ٿيندو. اتر ڪوريا جي سربراهه طرفان ائٽمي ۽ ميزائل تجربا روڪڻ جي اعلان کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ  اهم اڳڀرائي ۽ سموري دنيا لاءِ سٺي خبر قرار ڏنو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته هاڻي مون کي ڪم جونگ ان سان ملاقات جو انتظار آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريم نواز جي ڪٺهڙي ۾ هئڻ جو ذميوار نواز شريف آهي: مولا بخش چانڊيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے