25 جمعو , مئي 2018

نقيب الله قتل ڪيس: رائو انوار 2 مئي تائين عدالتي رمانڊ تي جيل حوالي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار کي 2 مئي تائين عدالتي رمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي. نقيب الله محسود قتل ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدار رائو انوار کي 30 ڏينهن جي جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. پوليس معطل ٿيل ايس ايس پي ملير رائو انوار کي نهايت سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت آندو  جتي کيس جج جي روبرو پيش ڪيو ويو. ڪيس جي ڪارروائي جي شروعات تي جاچ آفيسر رائو انوار کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلڻ جي سفارش ڪئي جڏهن ته ڪيس جو آخري چالان جمع ڪرائڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت جي درخواست ڪئي وئي. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته رائو انوار خلاف جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي، جي آءِ ٽي جي سفارش بعد فائنل چالان جمع ڪرايو ويندو. نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار سميت 10 جوابدار گرفتار ٿيل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريم نواز جي ڪٺهڙي ۾ هئڻ جو ذميوار نواز شريف آهي: مولا بخش چانڊيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے