14 اڱارو , آگسٽ 2018

ملڪ ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ ڪجهه سوال ڪجهه جواب

مسلم ميراڻي

ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي صورتحال بدتر کان بدتر ٿيندي پئي وڃي. ائين لڳي رهيو آهي ته ملڪ کي هلائڻ وارا ماڻهون افرا تفري. بيقيني سياسي ۽ غير سياسي جوڙ توڙ ۾ مصروف آهي. هڪ طرف مهانگائيءَ جو طوفان غريب مسڪين ماڻهن جي جياپي کي مشڪل بڻائي چڪو آهي ته ٻئي طرف بيروزگاريءَ اسانجي جي نوجوانن جي مستقبل جو اندواهيءَ طرف  ڌڪي رهي آهي. هر روز روزگار حاصل ڪرڻ جي لاءِ پڙهيل لکيل بيروزگار نوجوان لاچار ٿي اسيمبلين جي ٻاهران احتجاج ڪري رهيا آهن ته انهن کي روزگار ڏنو وڃي پر افسوس ته انهن جي دانهن ڪوبه  ٻڍڻ وارو ڪونهي.

ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحاليءَ جا نعرا ته ملڪ جون سڀئي سياسي جماعتون هڻي رهيون آهن پر حال سڀنيءَ جو پورو آهي. ان جو اندازو توهان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جي ڪاروائيءَ مان لڳائي سگهو ٿا ته جڏهن هو ملڪ جي سڀني سرڪاري اسپتالن جا دورا ڪري ٿو ته ان کي اهو ئي لڳي ٿو ته ويچارو عوام وڏي ظلم ۾ آهي ۽ ان جي داد فرياد ٻڌڻ وارو ڪو به ڪونهي ڪو. چاهي تبديليءَ جا نعرا هڻندڙ سوناميءَ خان جي خيبرپختونخواهه حڪومت هجي يا وري ميٽرو ۽ موٽر ويز ٺاهيندڙ ووٽ کي عزت ڏيارڻ واري شريف خاندان جي حڪومت هجي يا وري سنڌ کي پيرس بڻائيندڙ سنڌ جي ترقي پاڪستان جي ترقي جا نعرا هڻندڙ آصف علي زرداري ۽ بلاول جي حڪومت هجي باقي بلوچستان تي حڪومت ڪندڙ آزاد ليڊر ته ليکي کان ئي ٻاهر آهن.

اهي سموريون صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون پنهنجن پنهنجن ايجندائن تي ڪم ڪري رهيو آهن ڀلي عوام گٽر جو پاڻي پيئي يا وري مهانگائيءَ سبب مري فوت ٿي وڃي انهن جو تعلق صرف ۽ صرف ووٽ سان ئي آهي. ان ڪري پنجن سالن ۾ مجبورن هي دفعو شهري علائقن ۾ اهي رئيس وڏا عوام وٽ ايندا آهن. باقي ته برادريءَ جا لٺ سردار ۽ تر جا ڀوتار ته انهن سياستدانن جي هميشه کيسن ۾ هوندا آهن. ملڪ جي مجموعي صورتحال کي ڏسي ڪري اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شريف خاندان مستقبل قريب ۾ احتساب عدالت مان سزا کان بچي ڪونه سگهندو. ان ڪري پنجاب ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن جي حڪمراني کي به سخت خطرو آهي.

پنجاب جي سياست تي حڪومت جا خواب ڏسندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف کي اها پڪ آهي ته پنجاب ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن جو خاتمو صرف ۽ صرف عمران خان ئي ڪري سگهي ٿو. پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدارت ڪندڙ پنجاب جو وزير اعليٰ ميان شهباز شريف ئي شريف خاندان جي آخري اميد آهي ته اهو پنهنجا جوهر ڏيکاري ڪم ٺاهي وٺندو پر اڃا  تائين ميان شهباز شريف جو اهو پراڻو جادو بيڪار نظر اچي رهيو آهي. باقي ميان نواز شريف جي 62 ون ايف جي تحت تاحيات پابندي جي ڪري ڏينهون ڏينهن تڪراري ٿيندو ٿو وڃي ائين به ٿي سگهي ٿو ايم ڪيو ايم لنڊن جي اڳواڻ الطاف حسين وانگر انهن جي تقريرن ۽ خطابن تي تاحيات پابندي لڳائي وڃي. فلحال ملڪي سياست ته ميان نواز شريف ڪونه ڪري سگهي ٿو پر جي هو چاهي ته  اهو وڪيل بڻجي محترمه عاصمه جهانگير واري گروپ ۾ شامل ٿي سپريم ڪورٽ جي سياست ۾ پنهنجو اهو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

پنجاب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جا اميدوار پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي رهيا آهن ڇو جو انهن کي اها پڪ آهي ته درويش جي دعا ۽ امپائر جو اشارو ڪپتان سان گڏ آهي ان ڪري اهي سياستدان پنهنجي مستقبل محفوظ بڻائڻ  لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي رهيا آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف جي خيبرپختونخواهه حڪومت عمران خان جي ڪري مقبوليت ۽ ڪجهه ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي اڃا تائين اتان جي ماڻهن ۾ مقبول ته آهي پر ڪجهه تجزياڪارن جو خيال آهي خيبرپختونخواهه ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مقبوليت ۾ گھٽتائي آئي آهي ان ڪري ايندڙ چونڊن ۾ ڪپتان جي پارٽي گھڻيون سيٽون خيبرپختونخواه مان نه کٽي سگهندي.

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو سنڌ ڪارڊ مان اڃا بيلنس ختم نه ٿيو آهي پر سنڌ جي ڪجهه سيٽن تي پيپلز پارٽي هار جو منهن ڏسي سگهي ٿي. ڏکڻ پنجاب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سرائيڪي صوبي ٺاهڻ واري نعري جي عيوض پنهنجو پراڻو مقام حاصل ڪرڻ چاهي ته اهي ٿي سگهي ٿو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ٿورو گهڻو ڪامياب به ٿي وڃي. بلوچستان جي آزاد ميمبر کي ته اها پڪ آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ انهن جو وفاقي حڪومت ۾ حصو ضرورهوندو. ڏٺو وڃي ته ملڪ جي ٻن سياسي پارٽين جو وچم ايندڙ چونڊن ۾ سخت مقابلو ٿيڻ وارو آهي. هڪ آهي پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ٻئي آهي پاڪستان پيپلز پارٽي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري وٽ جوڙ توڙ ۽ ملڪي حڪمرانيءَ جو تجربو به آهي ته سڀني کي خوش ڪرڻ وارو فن به ۽ جيڪڏهن اهو درويش جي دعا سان ايم ڪيو ايم، عوامي نيشنل پارٽي، بلوچستان جي آزاد ميمبرن سميمت مولوين کي ملائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته پوءِ اهو ايندڙ چونڊن ۾ ملڪ تي حڪمراني وارو خواب آسانيءَ سان  پورو ڪري سگهي ٿو. پاڪستان تحريڪ ۾ ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جهڙن ماڻهن کي پارٽيءَ ۾ شامل ڪرڻ جي باوجود به عمران خان جي مقبوليت اڃا تائين عروج تي آهي. هن وقت پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ سڀني پارٽين جا لوٽا ۽ لٽيرا شامل آهن جيڪي ڪنهن نه  ڪنهن وقت فوجي يا سياسي حڪومتن جو حصو رهيا آهن ۽ تبديليءَ جو نعرو هڻندڙ سونامي پاڻ تبديليءَ جو شڪار ٿي وئي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ وڏيرن جي پارٽي بڻجڻ جي باوجود به پنجاب ۾ مقبول آهي.

ان ڪري اهو تصور ڪيو پيو وڃي ته چاهي ڪجهه به ٿي وڃي هڪ موقعو عمران خان به ڏنو وڃي ته جيئن اهو پنهنجو وزير اعظم بڻجڻ جو پراڻو خواب پورو ٿيندي ڏسي سگهي. هن ملڪ جو نظام هڪ سڙيل وڻ وانگر آهي جنهن مان نه ڇانو حاصل ٿي سگهي نه وري ان جو ڪاٺ کي استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. انهن سڀني سياسي پارٽين جا ڀلي منشور الڳ هجن پر انهن سڀني جي منزل هڪ آهي ۽ ڪڏهن به اهي سرمائيدار، جاگيردار، وڏيرا ڀوتار سياسي يا وري غير سياسي ماڻهو نه هن ملڪ ۾ هڪ عام ماڻهو لاءِ هڪ بهتر نظام ٺاهيندا نه ئي وري انهن مان ڪا ڀلائي جي اميد ڪري سگهجي ٿي. ڇو جو هڪ عام ماڻهون ئي هڪ عام ماڻهون جو ڏک ۽ سک سمجهي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب تي حوثي باغين جا مزآئيل حملا

غلام مصطفيٰ جمالي يمن جنگ ۾ حوثي باغين جي بغاوت سعودي جي لاءِ خطرناڪ صورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے