25 جمعو , مئي 2018

سنڌ جي وڏي وزير کي ڪجهه گذارشون

پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ هجڻ جي حيثيت ۾ ستر سالن جي تاريخي ڄمار ۾ جيڪي سياسي، معاشي ۽ سماجي ڪاميابيون ماڻي سگهي ها، حالتون ٻڌائن ٿيون ته پاڪستان اهڙي ڪا به ڪاميابي ماڻي نه سگهيو آهي جنهن تي ”ناز“ ڪري سگهجي يا کڻي ان تي ”فخر“ ڪري سگهجي.

دنيا ۾ جن به قومن ترقيون ڪيون آهن، انهن مان ڪجهه جو جائزو هن ريت آهي..

* جاپان ٻي عظيم جنگ ۾ ٻن ائٽمي بم حملن جي نتيجي ۾ مڪمل طور تي تباهه ٿيل ملڪ هو اڄ اهو ترقيءَ جي معراج تي آهي.

* چين، پاڪستان کان بعد ۾ آزاد ٿيو، هڪ آفيمي ۽ بدحال قوم اڄ دنيا کي اکيون ڏيکاري رهي آهي.

* ويٽنام پاڪستان کان ڪيئي سال بعد آزاد ٿيو، اڄ دنيا جو خوشحال ترين ملڪ آهي،

ان ڏس ۾ ڪيئي مثال پيش ڪري سگهجن ٿا، انهن ملڪن جو ذڪر ان ڪري به ضروري آهي ته انهن ملڪن جي ترقيءَ جو ”راز“ فقط هڪڙي ڳالهه ۾ سمايل هو، اهو ”راز“ انهن ملڪن جو ”توانائيءَ“ جي شعبي کي ”اوليت“ ڏيڻ هو، جو ” توانائيءَ“ کان سواءِ سماجي، معاشي ۽ سياسي ترقي ناممڪن آهي،

اڄ پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ هجڻ جي حيثيت ۾ معاشي طور تي برباديءَ جي جنهن منزل تي پهتل آهي ان جو بنيادي ” سبب“ پڻ، ” توانائيءَ“ جو بحران آهي.  پاڪستان ۾ ”توانائيءَ جو بحران“ ايترو ته سنگين ٿي ويو آهي جو اڄ سڄي ملڪ ۾ 7 کان 10 ڪلاڪ روز گهٽ ۾ گهٽ ۽ وڌ ۾ وڌ 7 کان 17 ڪلاڪن جي لوڊ شيڊنگ ٿيڻ لازمي آهي ۽ سنڌ گذريل 17-هن سالن کان 17- ڪلاڪ روز لوڊشيڊنگ برداشت ڪري رهي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهين ۾ ڪڙيون ڪڙيون ڳالهيون ڪيون آهن جن مان نه صرف سنڌ ۽ سنڌين جي بيوسيءَ جا ڪيئي داستان نظرآڏو ڦري وڃن ٿا پر ان سان گڏ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۽ ان جي قيادت جون پڻ ڪيئي مجبوريون اکين آڏو ڦري اچن ٿيون.

هُن ميڊيا سان ڳالهين ۾ هڪڙي انتهائي افسوس جوڳي ڳالهه جي نشاندهي پڻ ڪئي ته، ” هڪ خودمختيار اداري جي اهلڪارن سندس آفيس ۾ سندس ئي ڪابينا جي وزيرن جي موجودگيءَ ۾ ساڻس ئي بدتميزي ڪئي آهي“ وڏي وزير جو اهڙُو اظهار سنڌ جي ” حيثيت “ ۽ ”عزت“ کي وائکو ڪري ٿو…،

وڏي وزير جيڪي ٻيون اهم ڳالهيون ڪيون آهن، انهن ۾موصوف ڄاڻايو آهي ته بجليءَ جي لوڊ شيڊنگ جو ذميوار وفاق آهي، ڪي اليڪٽرڪ ۾ 24- سيڪڙو وفاق جو آهي، باوجود مطالبي جي سنڌ کي نمائندگي نه ٿي ملي، سنڌ ۾ بجليءَ جي لوڊ شيڊنگ 22- ڪلاڪ آهي، سنڌ گيس جو ستر سيڪڙو ڏئي ٿي بدلي ۾ سنڌ کي مهانگي اگهن تي ايل پي جي خريد ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي،  ڪي الڪٽرڪ ۽ سوئي سدرن ۾ سنڌ جي نمائندگي ناهي، اين ايف سي مان 94- ارب گهٽ ڏنا ويا ۽ پاڻيءَ جي کوٽ به سنڌ جي ڪنڌ ۾ وڌي وئي.

وڏي وزير جون اهڙيون ڳالهيون نه صرف وڏي وزير جي ”حيثيت“ جو تعين ڪن ٿيون، پر سندس اهڙيون ڳالهيون سياسي طور پيپلز پارٽيءَ جي سياسي طاقت، قوت ۽ سياسي جرئت جو پڻ ” تعين“ ڪن ٿيون، ان کان اڳتي وڌي وڏي وزير جون اهڙيون ڳالهيون ” سنڌ “ جي ” وفاق“ ۾ حيثيت جو پڻ ” تعين “ ڪن ٿيون،  هُن ميڊيا سان ڳالهين ۾ جنهن وڏي بيوسيءَ جو اظهار ڪيو آهي، اها بيوسي به سياسي نڌڻڪائپ ۽ لاچاريءَ واري آهي، ” سموريون پارٽيون گڏجن ته وزير اعظم هائوس آڏو ڌرڻو هڻندس“،

وڏي وزير جو اهڙو بيان سندس سياسي فهم ۽ فراست کي سمجهڻ لاءِ به ڪافي آهي. سندس اهڙي بيان کي سنڌي سماج ڪنهن مثبت نظر ۽ سوچ سان نه ڏٺو آهي، سنڌي عوام ڪڏهن به ان حق ۾ نه رهيو آهي ته ڪو حق وٺڻ لاءِ سڌو ڏنڊو کڻجي، پر هو پنهنجي سموري سوچ، فڪر ۽ سمجهه ۾ ان رويي جو رهيو آهي ته ” حق“ وٺڻ لاءِ ” سئو“ دفعا ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، ها……جي ضرورت پوي ته پنهنجي ڳالهه سختيءَ سان رکڻ لاءِ احتجاج جو رستو اختيار ڪيو وڃي. سنڌي عوام جي اها ئي سوچ ۽ رويو سياسي ميدان ۾ سندس تمام وڏو هٿيار رهيو آهي، هن وقت به آهي ۽ ايندڙ دور ۾ به رهندو ان متعلق ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي، ان جو مدار سنڌ مخالف قوتن تي آهي ته هو سنڌ سان ڪهڙي ريت پيش اچن ٿيون.

اسان ان حق ۾ آهيو ته سنڌ جي وڏي وزير بجليءَ جي مسئلي تي جيڪو قدم کنيو آهي، ان کي اڳتي وڌائي، سنڌ جو عوام اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهي ته پنهنجي ماڻهن جي حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ ۽ حقن ماڻڻ لاءِ هر جمهوري طريقو اختيار ڪرڻ ۾ ڪا برائي نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن قانون جي ڀڃڪڙي آهي.

پنهنجي ماڻهن جي حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ لاءِ اسان نه ٿا سمجهو ته سنڌ جي وڏي وزير کي ڪو ٻين پارٽين جي اڳواڻن جي ضرورت آهي يا پنهنجي پارٽيءَ جي لکين ماڻهن جي ضرورت آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جو وڏو وزير پنهنجي سياسي فهم ۽ فراست کي اجاگر ڪري، کيس اهو سمجهڻ گهرجي ته هو هن وقت سنڌي عوام جي ايوان اعلى ۾ لکين ڪروڙين سنڌين جو قائد آهي، هو جيڪڏهن وزير اعظم هائوس  اڳيان سنڌ سان زيادتين خلاف اڪيلو احتجاج ڪندو ته ان کي به ” موٽ“ ڏني ويندي، بلڪ ان کي وڌيڪ موٽ ڏني ويندي جو هو سنڌ جو وڏو وزير ۽ هڪ ايوان جو قائد هوندي لکين ڪروڙين سنڌين جو قائد آهي ۽ هو انهيءَ حيثيت ۾ ” ايڪ رانجهو، لکان دا مٽ آهي“. کيس سنڌ جي حقن لاءِ وزير اعظم هائوس آڏو احتجاج ڪرڻ گهرجي اسان ان جي حق ۾ آهيون، اسين سمجهون ٿا سندس ائين ڪرڻ سان ملڪ ۾ جمهوري روايتون مظبوط ٿينديون ۽ سنڌ ” توانائي“ جي بحران مان ٻاهر نڪري ترقي ڪندي.

ڇنڇر 21 اپريل 2018ع، 4 شعبان المعظم 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

رولڙي جي ور چڙهي ويل آدمشماري بلاڪن جي تصديق

آدمشماري دنيا جي مهذب ۽ سڌريل ملڪن ۾ اهڙي جاري پريڪٽس آهي، جنهن تحت ماڻهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے