16 خميس , آگسٽ 2018

نيوز: خانگي اسڪول جي شاگردن پاران پريس ڪلب جو مطالعاتي دورو

*بدين ۾خانگي اسڪول جي ٻارن کي پريس ڪلب جو مطالعاتي دورو ڪرائي صحافين جي ڪم بابت بريفنگ ڏني وئي.

رينيسينس اسڪول سسٽم جي ٻارن کي پريس ڪلب ۾لائبريري، پريس ڪانفرنس روم،  نيوز روم، ڪمپيوٽر روم ۽ گيسٽ روم سميت مختلف هنڌن جو دورو ڪرايو ويو.

ان وقعي تي بدين پريس ڪلب جي صدر تنوير آرائين، عبدالشڪور ميمڻ، شاد الطاف ميمڻ، حسين سومري ۽ ٻين شاگردن کي صحافين جي ڪم بابت ڄاڻ ڏني.

صحافين شاگردن کي ڪمپيئرنگ، ڪالم نويسي، تصويرون ۽ وڊيوز موڪلڻ جا طريقا پڻ سيکاريا.

ان موقعي تي ڪئميرامين رجب راهمون، بشير شيخ، ستار شيخ ۽ ٻين شاگردن کي فوٽو گرافي جا طريقا پڻ ٻڌايا.

ان موقعي تي اسڪول جي استادن ۽ شاگردن پريس ڪلب جو مطالعاتي دوري دوران بريفنگ ڏيڻ تي صحافين جا ٿورا مڃيا…………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Samaro: Police Determined to Proclaim

نيوز: سامارو: پوليس جي ڪارروائي، ناحق باندي بڻايل ناري آزاد

ساماري ۾ پوليس ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻايل ناري کي آزاد ڪرائي عدالت ۾ پيش …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے