17 جمعو , آگسٽ 2018

سينيٽ چيئرمين کي چونڊرائڻ لاءِ پي ٽي آءِ چيو ته مٿان آرڊر آيو آهي: سراج الحق

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سينيتر سراج الحق انڪشاف ڪيو آهي ته سينيٽ چيئرمين جي ووٽ جي لاءِ پي ٽي آءِ چيو هو ته بلوچستان جي اميدوار کي ووٽ ڏيڻ جي لاءِ مٿان آرڊر آيو آهي.  جماعت اسلامي جي مرڪز منصوره ۾ خطاب ڪندي سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته سينيٽ اليڪشن جي لاءِ ووٽ خريدڻ وارا ڏوهاري ناهن، ڏسڻو آهي ته سينيٽ جائز آهي يا ناجائز جڏهن ته هي ڪرپشن جا اسپيشلائز ماڻهو آهن انهن جي خلاف وڏي آپريشن جي ضرورت آهي. سراج الحق انڪشاف ڪيو ته سينيٽ جي چيئرمين جي ووٽ لاءِ پي ٽي آءِ چيو هو ته بلوچستان جي اميدوار کي ووٽ ڏيڻ جي لاءِ مٿان آرڊر آيو آهي جڏهن ته سينيٽ چونڊن کان پوءِ عمران خان بدران هڪ زرداري سڀني تي ڀاري جا نعرا لڳا، ڪنهن جي جرعت ناهي ته عمران خان جي قيمت 45 ڪروڙ لڳائي. سراج الحق چيف جسٽس طرفان وي آءِ پي سيڪيورٽي واپس وٺڻ واري فيصلي کي ساراهيندي چيو ته پشاور جي موجوده حالتن جو ذميوار وڏو وزير پرويز خٽڪ آهي، ميٽرو جي ڊوڙ سرسبز پشاور کي کنڊرات ۾ تبديل ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مار ڪٽ ڪري ترقيون ڏيندڙ پوليس آفيسر سڀاڻي عدالت ۾ پيش ٿين: چيف جسٽس

لاهور(ويب ڊيسڪ) پوليس آفيسرن طرفان پنهنجي آفيس ۾ عدالت لڳائي واپار جي ورڇ جي حوالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے