17 جمعو , آگسٽ 2018

بجلي بحران: وڏي وزير مراد علي شاهه وزير اعظم کي ٽيون خط لکي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ بجلي جي بدترين بحران ۽ لوڊشيڊنگ جي عذاب کي ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي بي وسي جو اظهار ڪندي سنڌ جي وڏي وزير وزر اعظم کي ٽيون خط لکي ڇڏيو. تفصيل موجب پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه بجلي جي بحران تي وزير اعظم پاڪستان کي ٻه خط پهرين ئي لکيا آهن جنهن تي ڪو به عملدرآمد ناهي ٿيو. هن ٽئين خط ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۾ بدترين لوڊشيڊنگ ڏانهن ڌيان ڇڪايو. وڏي وزير خط ۾ لکيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي سدرن گيس ڪمپني جي وچ ۾ ويڙهه سان ڪراچي شهر متاثر ٿي رهيو آهي، ان ويڙهه مان پيدا ٿيل لوڊشيڊنگ جي مسئلي کي ختم ڪرڻ جي ذميواري پاڪستان حڪومت جي آهي. هن خط ۾ ياد ڏياريو ته گيس ڪمپني جا 70 سيڪڙو ۽ ڪي اليڪٽرڪ جا 25 سيڪڙو شيئر وفاق وٽ آهن، اهڙي ريت نيپرا ۽ اوگرا به وفاقي جي ماتحت ادارا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن وفاقي ڪجهه نه ڪيو ته سي سي آءِ، اين ايف سي اجلاس ۾ اهو معاملو اٿارينداسين. مراد علي شاهه خط ۾ ڄاڻايو ته لوڊشيڊنگ رڳو ڪراچي ئي نه پر سڄي سنڌ ۾ ٿي رهي آهي، سنڌ حڪومت جي ڪوششن سان ڪراچي جو امن بحال ٿيو آهي، اهو مسئلو حل نه ٿيو ته امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ جو خدشو آهي.  هن لکيو ته سنڌ جا ماڻهو به پاڪستان جا شهري آهن، آئين جي تحت سنڌ کي به برابري وارا حق حاصل آهن، حيسڪو ۽ سيپڪو جي خراب ڪارڪردگي سبب 16 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني ستن ڏينهن جي رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ بئنڪنگ ڪورٽ جاچ بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے