17 جمعو , آگسٽ 2018

علي ظفر تي ميشا شفيع جو الزام: شوبز جي ستارن جو گڏيل رد عمل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اداڪار ۽ فنڪار علي ظفر تي ڳائڻي ميشا شفيع طرفان جنسي هراسان ڪرڻ واري الزام تي شوبز جي ستارن طرفان مختلف رد عمل سامهون اچي رهيا آهن. ڪنهن خاموشي اختيار ڪئي، ڪنهن تنقيد ڪئي ته ڪنهن کليل نموني بندوبستن کي ساراهيو. ميڊيا جي رپورٽن موجب ادڪارا ريشم جو چوڻ هو ته علي ظفر جي باري ۾ ڪڏهن به اهڙو ڪجهه ناهي ٻڌو ۽ هو هڪ سلجهيل انسان آهي. هن چيو ته سڄي ڪيريئر ۾ اهڙو ڪو به اسڪينڊل سامهون ناهي آيو،. جيڪڏهن ميشا ۽ هن جي وچ ۾ ڪا غلط فهمي آهي ته ان کي ختم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ميشيا کي گهرجي ته علي ظفر جي نالي کي اهڙي ريت بدنام نه ڪري ۽ جيڪڏهن هن وٽ ثبوت آهن ته سامهون آڻي، رڳو الزام نه لڳائڻ گهرجن.  هن چيو ته ذاتي طور تي علي ظفر کي سڃاڻان ٿي، هو دوستن کي عزت ڏيندڙ انسان آهي ۽ رڳو پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيندو آهي، مون کي نٿو لڳي ته ان الزام ۾ ڪا حقيقت آهي. ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي اداڪارا عروا حسين ” مور پاور ٽو يو“ (More Power To You) چئي ميشا جي حوصلا افزائي ڪئي. سماجي ڪارڪن ۽ صحافت جي پيشي سان سلهاڙيل ريحام خان چيو ته ميشا مون جهڙي رات اسٽار آهي جيڪا شڪارين جي خلاف بيٺي آهي. ريحام خان جنسي هراسان جي خلاف جاري ” مي ٽو“ مهم جي حق ۾ وڌيڪ نوٽيٽ به ڪيا. اداڪار عثمان خالد بٽ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته جنسي هراسان ڪرڻ خلاف جڏهن ڪا عورت سوشل ميڊيا تي آواز اٿاريندي آهي ته ان کي مذاق بڻايو ويندو آهي، جنهن سان معاملي جي اهيمت گهٽ ٿي ويندي آهي. گڏوگڏ هن ان معاملي تي ايندڙ تبصرن جي حوالي سان طنزيه انداز ۾ لکيو ته ميشا  اهو سڀ ڪجهه سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيو. پاڪستاني فلم ” طيفه اِن ٽربل“ ۾ علي ظفر جي ساٿي اداڪارا مايا علي انسٽاگرام تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هن وقت اسان کي ڪنهن جي به ڪردار جي باري ۾ ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن،. مايا لکيو ته مون اهو نه چوندس ته ڪير  صحيح آهي ۽ ڪير غلط، ها آئون اِهو ضرور چوندس ته آئون علي ظفر کي ڊگهي عرصي کان سڃاڻان ٿي پر مون گذريل هڪ سال کان ساڻس گڏ ڪم ناهي ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني ستن ڏينهن جي رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ بئنڪنگ ڪورٽ جاچ بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے