24 خميس , مئي 2018

30 سالن کان ميڊيا ٽرائل کي منهن پيون ڏيان، نيب لاءِ منهنجا دروازا کليل آهن: آغا سراج دراني

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي  اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته 30 سالن کان ميڊيا ٽرائل کي منهن ڏئي رهيو آهيان، نيب جي لاءِ منهنجا دروازا کليل آهن. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته هو احتساب جي لاءِ تيار آهي، عمران خان پنهنجي پاليسي موجب ماڻهو ڪڍي، البت پي ٽي آءِ جي ايم پي ايز کي جاچ ڪري ڪڍيو وڃي ها ته بهتر ٿئي ها.  سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اڄوڪي واقعي تي تبصرو ڪندي چيو ته ڪيمرا سامهون ايندي ئي ڪجهه ماڻهو ايڪٽنگ شروع ڪندا آهن. هن چيو ته سنڌ اسيمبليجي قانون جو احترام ڪرڻ گهرجي، سيف الدين خالد پاني جي ايشو تي افسوس جوڳو ڊرامو ڪيو جنهن جي مذمت ڪرڻ گهرجي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ جو چوڻ هو ته مسئلن جو حل ڳالهين ۾ آهي، سيف الدين خالد هڪ پارٽي ڇڏي ٻي پارٽي ۾ ويو آهي، جيڪڏهن آئون چاهيان ته سيف الدين خالد جي خلاف ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪلي ڇڏيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالفن مون کي ڪڍي پاڪستان جي ترقي جو ڦيٿو بيهاري ڇڏيو: نواز شريف

اٽڪ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مخالفن مون کي ڪڍي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے