17 جمعو , آگسٽ 2018

علي جهانگير صديقي جي آمريڪا ۾ سفير طور مقرري، وفاقي حڪومت کان جواب طلب

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ علي جهانگير صديقي کي آمريڪي سفير مقرر ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو. تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مامون رشيد علي جهانگير صديقي کي آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير طور مقرر ڪرڻ جي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ڪندر جاويد اقبال جعفري موقف اختيار ڪيو ته علي جهانگير صديقي جي مقرري وارو طريقيڪار ۽ ميرٽ جي ابتڙ  ڪئي وئي، علي جهانگير صديقي جي تعليمي قابليت بي ايم آهي ۽ سفارتڪاري جو تجربو نه هئڻ سبب ملڪي مفادن کي نقصان رسي سگهي ٿو. داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ سينيئر ۽ تجربي ڪار جي مقرري کان اڳ پارليامينٽ ۽ ڪابينا جي منظوري سان ئي ملڪي مفاد سلهاڙيل آهن، ميرٽ جي ابتڙ علي جهانگير صديقي جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.  عدالت وفاقي حڪومت، وفاقي سيڪريٽري ڪابينا سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني ستن ڏينهن جي رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ بئنڪنگ ڪورٽ جاچ بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے