16 خميس , آگسٽ 2018

ڪي اليڪٽرڪ جي هٿان بليڪ ميل نه ٿينداسين: اويس لغاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير اويس لغاري جو چوڻ آهي ته گيس جي معاملي تي ڪي اليڪٽرڪ جي هٿان بليڪ ميل نه ٿينداسين. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان ڪي اليڪٽرڪ کي گيس جي گهٽ فراهمي ۽ ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جي معاملي تي وزير اعظم سيڪريٽريٽ جي ٻاهران احتجاج جو اعلان ڪرڻ واري بيان تي پاور ڊويزن واري وفاقي وزير اويس لغاري سخت رد عمل جو اظهار ڪيو. اويس لغاري جو چوڻ هو ته مراد علي شاهه پهرين پنهنجي صوبي جي پوليس جي مدد سان حيدرآباد ۽ سکر ڊويزن جي عوام کي بجلي چوري ڪندڙن جي ڪري لوڊشيڊنگ جي عذاب ۾ مبتلا عوام جي مسئي جو حل ڪڍي، پوءِ وزير اعظم سيڪريٽريٽ جي ٻاهران احتجاج وارو شوق پورو ڪري. وفاقي وزير چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ واٽر بورڊ جي وچ ۾ رهتن وارو معاملو تڪراري آهي، ناڻي واري وزارت، سنڌ حڪومت، واٽر بورڊ ۽ ڪي اليڪٽرڪ ان معاملي جو حل ڪڍي. هن چيو ته گيس جي معاملي تي پيٽروليم ڊويزن، سوئي سدرن ۽ ڪي اليڪٽرڪ فارمولو طئي ڪري. هن چيو ته سيد مراد علي شاهه ڪي اليڪٽرڪ، سوئي سدرن اختيارين سان ملاقات ۾ قبوليو هو ته اهو مسئلو آهيپر هاڻ اليڪشن کان اڳ ڪيمرون جي سامهون ڊرامو ڪري رهيو آهي. اويس لغاري چيو ته معاهدي کان سواءِ گيس ناهي ڏني ويندي، سوئي سدرن سان گيس تي جيڪا ڊيل ٿيندي اها نون اگهن تي هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج جو واسطو نواز شريف سان نه پر انصاف سان هو: مصدق ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته احتجاج جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے