19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: چمبڙ: اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ جي ڪري 5 شاگرد زخمي

*چمبڙ ۾ اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، 5 ٻارڙا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي، اسپتال داخل  ڪيو ويو آهي

سرڪاري پرائمري گرلس مين سنڌي اسڪول جي ڪلاس روم جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، جنهن سبب 5 شاگردياڻيون سخت زخمي ٿي پيون.

زخمين ۾ صدف، نسيم، مهناز ۽ مريم سميت 5 شاگردياڻيون شامل آهن.

هوڏانهن اسڪول عملي ۽ ٻارڙن جي والدين ٺيڪيدار خلاف احتجاج ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

سندن چوڻ هو ته اسڪولي عمارت ۾ ناقص سامان استعمال ٿيڻ سبب ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، ٺيڪيدار عبدالرزاق ملاح کي ڪلاس رومن جي مرمت لاءِ 7 لک رپين جو ٺيڪو ڏنو ويو هو.

هنن چيو ته اسڪول ۾ هاف ٽائيم هجڻ ڪري ٻارڙن جو حياتيون بچي ويون، نه ته جاني نقصان نه ٿيو.

ٻاڙرن جي والدين ۽ ماسترياڻين سنڌ سرڪاري کان مطالبو ڪيو ته ٺيڪيدار خلاف قانوني قدم کنيا وڃن………

هي به ڏسي سگهو ٿا

SobhoDero

نيوز | سوڀو ديرو: شهرين پاران واهه مان مئل ڍور نه ڪڍڻ تي انتظاميه خلاف احتجاج

سوڀي ديري ۾ شهرين پاران واهه مان مئل ڍور نه ڪڍڻ تي انتظاميه خلاف احتجاج …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے