16 خميس , آگسٽ 2018

پ پ اڳواڻ نديم افضل چن به عمران خان جي قافلي ۾ شامل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف پ پ جي اهم ترين وڪيٽ ڪيرائي ڇڏي آهي، سرگوڌا مان اڳوڻو ايم اين اي نديم افضل چن پي ٽي آءِ ۾شامل ٿي ويو آهي. پ پ جي اهم اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير نديم افضل چن تحريڪ انصاف اڳواڻ عمران خان سان بني گالا ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ سيڪريٽري جنرل جهانگير ترين به شرڪت ڪئي. پ پ اڳواڻ نديم افضل چن عمران خان جي قيادت تي اعتمادجو اظهار ڪندي پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي. نديم افضل چن جو ڀاءُ پهريون ئي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج جو واسطو نواز شريف سان نه پر انصاف سان هو: مصدق ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته احتجاج جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے