25 جمعو , مئي 2018

اسحاق ڊار جي اثاثن بابت ريفرنس: نامزد جوابدارن خلاف بيان رڪارڊ ڪرڻ جي ڪارروائي ملتوي

اسلام آباد(يب ڊيسڪ)احتساب عدالت اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ بابت ريفرنس جي ٻڌڻي دوران 3 نامزد جوابدارن خلاف استغاثه جي شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ جي ڪارروائي ملتوي ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.ياد رهي ته نيب طرفان 26 فيبروري 2018ع تي داخل ڪيل اثاثن بابت ريفرنس  ۾ نيشنل بينڪ جي اڳوڻي صدر سعيد احمد، نعيم محمود ۽ منصور رضا رضوي کي شريڪ جوابدارن طور نامزد ڪيو ويو هو.عدالت 5 اپريل تي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ استغاثه جي شاهدن کي طلب ڪري رکيو هو.احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڄ اسحاق ڊار خلاف ضمني ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت کي معاون وڪيل طرفان ٻڌايو ويو ته جوابدار سعيد احمد جو وڪيل حشمت حبيب ايڊووڪيٽ بيمار ۽ اسپتال ۾ داخل آهي، ان ڪري ڪارروائي ملتوي ڪندي شاهدن جا بيان ايندڙ ٻڌڻي تي  رڪارڊ ڪيا وڃن.احتساب عدالت جج محمد بشير سوال ڪيو ته ڇا حشمت حبيب پهريان کان شوگر جو مريض آهي؟ معاون وڪيل ٻڌايو ته حشمت حبيب ايڊووڪيٽ کي شوگر جو مسئلو آهي جيڪو هاڻ وڌي پنج سئو کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. عدالت استدعا منظور ڪندي ٻڌڻي 25 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريم نواز جي ڪٺهڙي ۾ هئڻ جو ذميوار نواز شريف آهي: مولا بخش چانڊيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے