20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: قصبي  ۽ ڀرپاسي ۾  پراسرار  کنگهه جي  بيماري ۾ معصوم ٻارڙا ، عورتون ۽ مرد مبتلا

*قصبي  ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ پراسرار الرجي جي بيماري ۾ معصوم ٻارڙا ، عورتون ۽ مرد مبتلا ٿي ويا آهن، الرجي جي وائرس سبب مسلسل کنگهه ۾ مبتلا مريضن جي وارثن پاران صحت کاتي جون ٽيمون موڪلي واهر جي اپيل ڪئي وئي آهي.

ڳوٺ شاهواڻي،  باگو لغاري، يامين لغاري،  دولتاڻي ۽ مست ڪيهر شاه جي ڳوٺن ۾   15  کان وڌيڪ ٻارڙا ، عورتون ۽ مرد الرجي سبب مسلسل کنگهه واري بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن،  هڏڪي نما کنگهه بند ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي جنهن ڪري ڳوٺاڻا پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

ان موقعي تي متاثرين ڳوٺاڻن محمد قاسم لغاري،  شاھ پسند لغاري  ۽ ٻين  ميڊيا آڏو داهيندي چيو تھ چئن مهينن کان بيماري ڳوٺن ۾ ڦهليل آهي،  جنهن ڪري ماڻهو  زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن.

ھنن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ بين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ  متاثر ڳوٺن ۾ صحت کاتي جون هنگامي ٽيمون موڪلي مرض تي ضابطو آندو وڃي……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Bakhshapur

نيوز | بخشاپور ڀرسان ٽانڊن تي ماتم ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي

بخشاپور ڀرسان ٽانڊن تي ماتم ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي. بڊاڻي ڀرسان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے