22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

تکيون مٺيون ڳالهيون | ملا منصور کي ولي محمد ٺاهڻ وارو مشرف هو

. هاڻي پاڪستان کان به پڇاڻو ٿيندو،ايران سرحد وٽ ملا منصور جي گاڏيءَ ۾ چِپِ لڳائي وئي
روڊ حادثن جو سبب به ڪرپشن آهي: ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ڊاڪٽر قاسم راڄپر
ڪراچي( رپورٽر ) ملا اختر منصور جي مارجڻ جو سڄي خطي تي اثر پوندو،ملا اختر منصور جو مارجڻ آمريڪا جي وڏي ڪاميابي آهي. هاڻي پاڪستان پڇاڻو ڪندو به ۽ پاڪستان کان پڇاڻو ٿيندو به؟ پاسپورٽ مامرو پاڪستان کي ڳچيءَ ۾ پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ڊاڪٽر قاسم راڄپر عوامي آواز ٽي ويءَ جي پروگرام “تکيون مٺيون ڳالهيون” ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هنن چيو ته ملا اختر منصور جو مارجڻ، پاڪستان، چين، آمريڪا ۽ افغانستان جي گڏيل حڪمت عملي جو نتيجو آهي.خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال لاءِ ملا منصور جو مارجڻ اهم اڳڀرائي آهي. چين جي بلوچستان ۾سيڙپڪاريءَ کان پوءِ پهريون ڀيرو بلوچستان تي ڊرون حملو ٿيو آهي. باراڪ اوباما هنوئي جي دوري تي ان ڳالهه جو اعلان ڪيو ته ملا اختر جو مارجڻ اسان لاءِ وڏي ڪاميابي آهي. ملا اختر جڏهن افغانستان مان نڪتو ته هن جي ڪار ۾ چپ لڳل هئي. ٻئي طرف آمريڪا چين تي نظر رکڻ لاءِ ويٽنام کي استعمال ڪري رهيو آهي.ضرب عضب هاڻي پنهنجي پڄاڻي تي پهچندو. بلوچستان ۾ پهريون ڊرون حملو آهي. جڏهن ته چين بلوچستان ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته چوڌري نثار پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ملا منصور کي ولي محمد ٺاهڻ وارو جنرل مشرف هو.ڇاڪاڻ ته ان وقت نادرا جا اختيار مشرف وٽ هئا. ڪرپشن سبب ٽرانسپورٽ مافيا ناڪارا گاڏيون هلائي رهي آهي.جنهن جي ڪري روڊ حادثا ٿي رهيا آهن. روڊ حادثن کي روڪڻ لاءِ حڪومت کي ٽرانسپورٽ مافيا خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ گهرجي. سنڌ جا روڊ ته موت جي کوهه کان به وڌيڪ خطرناڪ بڻجي ويا. سنڌ ۾ وڌندڙ روڊ حادثن جو سبب ڪرپشن آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

هڪ تبصرو

  1. Bhatreen Malomat milii thee. Hee Silsilo Awareness Laae Labhaaito theendo.Tkx.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے