23 آچر , سيپٽمبر 2018

پروگرام چڻنگ| نوشهرو واقعو انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو آهي

(ڪراچي رپورٽر) نوشهرو واقعو انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو آهي،.سنڌ جا وڏيرا ۽ جاگيردار سنڌي سماج لاءِ ناسور بڻجي چڪا آهن. ماضي جي سنڌ هڪ پڙهيل لکيل سماج جو عڪس هئي پر هاڻي تعليم نه هجڻ ڪري سنڌ جو تصور مٽجي رهيو آهي. وڏيرا معاشري جي پيڙهيل ماڻهن کي پنهنجي جاگير سمجهي رهيا آهن. عوامي آواز ٽي وي جي تصوير سنديلي جي ميزباني ۾ ٿيندڙ پروگرام چڻنگ ۾ محقق ليکڪ ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر ڪي ايس ناگ پال نوشهرو واقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ٻن پورهيت ڀائرن اياز ميمڻ ۽ سهيل ميمڻ سان ٿيل توهين آميز واقعو انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو آهي.سنڌ جا وڏيرا ۽ جاگيردار سنڌي سماج لاءِ ناسور بڻجي چڪا آهن.وڏيرا معاشري جي پيڙهيل ماڻهن کي پنهنجي جاگير سمجهي رهيا آهن.ماضي جي سنڌ هڪ پڙهيل لکيل سماج جو عڪس هئي پر هاڻي تعليم نه هجڻ ڪري سنڌ جو تصور مٽجي رهيو آهي.جيڪا سنڌ اسان ڪتابن ۾ پڙهي ۽ محسوس ڪئي آهي اڄ اها سنڌ پنهنجو تاريخي وجود وڃائي رهي آهي.دنيا اسان جي تاريخي ورثي کي مڃتا ڏئي رهي آهي پر اسان جا ماڻهو ان ورثي جي مالڪي کان لنوائي رهيا آهن. سڄي دنيا ۾ مختلف اين جي اوز انسان جي تعليم ۽ جياپي لاءِ ڪم ڪري رهيو ن آهن،پر اسان وٽ الميو اهو آهي ته اسان جي سماج جو ماڻهو ماڻهپي جون سڀ سرحدون اورانگي ويو آهي.لاقانونيت سبب سنڌ جا ماڻهو بيوسي واري زندگي گذاري رهيا آهن.جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪو قانون هجي ها ته اهڙا دل ڏاڙيندڙ واقعا نه ٿين ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ghotki

نيوز | گهوٽڪي :  بااثر ليز جو بهانو ڪري تيرنهن گهرڊاهي پٽ ڪرڻ بعد  گهرن کي باهه  ڏئي ڇڏي

گهوٽڪي ويجهو عادلپور جي ٻٽاڻي پاڙي  جي زمين تي بااثر ليز جو بهانو ڪري ٽائون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے