25 جمعو , مئي 2018

گم ٿيلن بابت درخواستون، سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻين صوبن جي حراستي مرڪزن کان رپورٽ گهري ورتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس هيل تائين ڪيل اڳڀرائي بابت عدالت کي آگاهه ڪيو، جڏهن ته عدالت ٻين صوبن جي حراستي مرڪزن کان به رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ٻڌڻي دوران عدالت کي پنهنجي ڪارروائي جي رپورٽ ڏيندي ڊي ايس پي الطاف ٻڌايو ته گم ٿيل ماڻهن بابت مختلف ادارن کي خط موڪليا ويا آهن. ڳجهن ادارن محمد فاروق ۽ سعود بيگ سميت ٻين ماڻهن جي گمشدگي تي لاعلمي جو اظهار ڪندي چيو ته ڄاڻايل ماڻهو اسان جي تحويل ۾ ناهن، ڊي ايس پي الطاف موجب محمد فاروق جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪيو آهي، هو جتي ملازمت ڪندو هو، ڪجهه مهينن کان اتي به نه ويو هو، ان ڏس ۾ جي آءِ ٽي ۽ ٽاسڪ فورس جو اجلاس به گهرايو ويو آهي. هوڏانهن ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان گم ٿيل سعود بيگ جي عدم بازيابي تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ايس پي ملير کان 10 مئي تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي. عدالت گم ٿيلن جي آزادي بابت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي گهرو کاتي، آءِ جي ۽ ٻين کان رپورٽ گهري آهي. عدالت ٻين صوبن جي حراستي مرڪزن کان به ان معاملي تي رپورٽ طلب ڪئي آهي ۽ حڪم ڏنو آهي ته هر صورت ۾ گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳائي عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريم نواز جي ڪٺهڙي ۾ هئڻ جو ذميوار نواز شريف آهي: مولا بخش چانڊيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے