16 خميس , آگسٽ 2018

اختيار کَسيا ويا ته گهر هليو ويندس: نيب چيئرمين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته اختيار کسڻ وارو ڪو پيدا ناهي  ٿيو، جيڪڏهن اختيار کسيا ويا ته بريف ڪيس کڻي گهر هليو ويندس. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي بريفنگ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي نيب چيئرمين چيو ته چونڊون ٿيڻ نه ٿيڻ سان نيب جو ڪو واسطو ناهي، جيڪڏهن ڪنهن ڪرپشن ڪئي آهي ته چونڊن کان اڳ ۽ پوءِ به جوابدار آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به ڪيس ۾ ثابت ٿي وڃي ته نيب انتقامي ڪارروائي ڪئي آهي ته ان جي پاڻ ذميواري قبول ڪندس ۽ گهر هليو ويندس. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڪرپشن جي ڪاٿي جي ڳالهه گهڻي اڳتي نڪري وئي آهي، ڪجهه ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿي، ڪجهه ملازمت تان فارغ ٿيا ۽ ڪجهه گرفتار ڪيا ويا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج جو واسطو نواز شريف سان نه پر انصاف سان هو: مصدق ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته احتجاج جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے