24 خميس , مئي 2018

7 سالن جي رابعه زيادتي بعد قتل: عدالت گرفتار ڪيل جوابدارن کي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ويجهي عدالت 7 سالن جي رابعه سان زيادتي بعد قتل جي الزام ۾ گرفتار جوابدار کي 25 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. پوليس جي سٽي ڪورٽ  جوڊيشل مجسٽريٽ غربي ۾ گرفتار 2 جوابدارن رحيم۽ افضل کي عدالت ۾ پيش ڪيو. ٻڌڻي بعد عدالت جوابدران کي 25 اپريل تائين جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته 16 اپريل تي منگهو پير جي ڪچرا ڪنڊي سان هڪ 7 سالن جي نينگري جو لاش  مليو هو جنهن جي سڃاڻپ رابعه جي نالي سان ٿي هئي. پوليس موجب مقتولا نينگري اورنگي ٽائون بلوچ پاڙي جي رهاڪو  هئي. جيڪا آچر 15 اپريل تي گهران کيڏڻ لاءِ نڪتي هئي ۽ ان کان پوءِ هو گم ٿي وئي هئي. نينگري جي والد ٿاڻي اورنگي ٽائون ۾ گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرايو هو.جڏهن ته صوبائي وزير سهيل انور سيال جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ زيادتي کان پوءِ قتل ٿيل رابعه جي لاش تي سياست ڪئي وئي. جيڪو مذمت جوڳو آهي ۽ ذميدارن خلاف ڪارروائي ڪئي پيئ وڃي. سهيل انور سيال اڄ مقتولا رابعه جي گهر پهچي ان هي گهر وارن سان تعزيت ڪندي انهن کي انصاف ڏيڻ جو يقين پڻ ڏياريو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل ڏينهن چڪرين دوران فوتين ۾ جي حوالي سان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.  ٻئي طرف مقتولا جي والد جو چوڻ آهي ته لاش جي حالت ٺيڪ نه هئي، مان احتجاج ختم ڪرڻ چاهيو پئي. پر مونکي ماڻهن چيو ته احتجاج ڪندا رهندو ته انصاف ملندو. هن چيو ته گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ نينگري جو مامو رحيم بخش به آهي هو چاهي ٿو ته رحيم بخش کي آزاد ڪيو وڃي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻئي گرفتار ڪيل افضل داد کان پوليس پڇا ڳڇا ڪري جنهن نينگري کي شيون پڻ وٺي ڏنيون هيون. والد جو چوڻ هو ته منهنجي نياڻي جو بي دردي سان قتل ڪيو ويو  اسان کي انصاف گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالفن مون کي ڪڍي پاڪستان جي ترقي جو ڦيٿو بيهاري ڇڏيو: نواز شريف

اٽڪ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مخالفن مون کي ڪڍي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے