26 جمعرات , اپریل 2018

رپورٽ: ڪراچي: کنڀي گم ڪيل خادم آريجي ۽ هدايت لوهار جي آزاديءَ لاءِ احتجاج

*سنڌ ۾جبري گمشدگين ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي، سياسي سماجي ڪارڪنن، اديبن، شاعرن ۽ صحافين سميت ڪيترائي ماڻهو کنڀي گم ڪيا ويا آهن.

کنڀي گم ڪيل خادم آريجي ۽ هدايت لوهار جي گمشدگي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي سندن آزاديءَ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئي وئي.

کنڀي گم ڪيل خادم آريجي جي نياڻي تنوير آريجو، نيلم آريجو ۽ سنگهار آريجو، هدايت لوهار جي نياڻي سسئي لوهار جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو ويو.

احتجاج ۾سياسي سماجي اڳواڻن معشوق چانڊيو، شبير بليدي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن جو چوڻ هو ته سندن پيارن کي بنا جواز کنڀي گم ڪيو ويو آهي، لڳاتار احتجاج باوجود کنڀيل ماڻهو آزاد ناهن ڪيا ويا….

کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن جو چوڻ هو ته هڪ سال کان عدالتن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهن پر ساڻن انصاف ناهي ٿي سگهيو. هنن مطالبو ڪيو ته سندن پيارن جي گمشدگين جو نوٽيس وٺي کين آزاد ڪرايو وڃي.

ان موقعي تي احتجاج ۾شريڪ سياسي سماجي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ۽ ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي………….

کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن توڙي سياسي سماجي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ ۾جبري گمشدگين جو نوٽيس وٺي کنڀي گم ڪيل ماڻهو آزاد ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:ايندڙ عام چونڊن جي حوالي سان ڊي سي ڪورنگي جي صدارت هيٺ اجلاس

*ايندڙ عام چونڊن جي حوالي سان ڊي سي ڪورنگي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے