22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڪراچي ۾ ٻارڙي سان زيادتي ۽ قتل، سراج الحق جي مذمت، وارثن سان تعزيت جو اظهار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ڪراچي ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل ٻارڙي واري واقعي تي سخت مذمت جو  اظهار ڪندي وارثن سان گهري همدردي ۽ تعزيت ڪئي. تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ 6 سالن ٻارڙي کي زيادتي بعد بيدردي سان قتل ڪيو ويو جنهن بعد علائقي واسي مڇرجي پيا ٻارڙ جو لاش روڊ تي رکي احتجاج ڪيو ۽ پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. ان دوران پوليس ۽ مظاهرو ڪندڙن جي وچ ۾ تڪرار به ٿيو. واقعي بابت پنهنجي مذمتي بيان ۾ سراج الحق جو چوڻ هو ته قتل کي فوري گرفتار ڪيو وڃي، ان قسم جا واقعا حڪومت جي ڪردار تي سواليه نشان آهن، جوابدار کي گرفتار ڪري قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي. هن چيو ته حڪومت جو ڪم بل گڏ ڪرڻ ناهي هوندو، ٽيڪس جمع ڪري عوام جو رت چوسڻ ناهي هوندو، حڪمران ٽيڪس مان هاصل ٿيل رقم عيش تي خرچ ڪري ڇڏي آهي، عوام تعليم، صحت ۽ روزگار جهڙي بنيادي ضرورتن کان محروم آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاناما ريفرنسز جي منتقلي خلاف نيب اپيل 25 سيپٽمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم  نواز شريف بابت پاناما ريفرنسز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے