19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: وڪيل سيد جعفر شاهه جي اغوا خلاف قومي شاهراهه تي ڌرڻو

*سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي سينيئر وڪيل سيد جعفر شاهه  جي اغوا خلاف وڪيلن ۽ وارثن پاران ٻٻرلو وٽ قومي شاهراهه تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو.

سيد جعفر شاهه جي وارثن جو چوڻ آهي ته سيد جعفر شاهه ڪراچي کان دوست سان گڏ ڪار ۾ واپس گهر اچي رهيو هو ته سندس رستي ۾ نامعلوم ماڻهن اغوا ڪيو آهي

هنن جو چوڻ آهي ته سندس ڪار ڪنڊيارو وٽان لاوارث حالت ۾ هٿ آئي آهي.

 نوشهروفيروز پوليس سيد جعفر شاهه جي ڪار هٿ ڪرڻ بعد وارثن کي اطلاع ڏنو جنهن بعد وارثن پاران سندس موبائيل نمبرن تي رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته مسلسل نمبر بند هئا.

 سيد جعفر شاهه جي اغوا بعد سندس وارثن ۽ دوستن پاران ٻٻرلوءِ باءِپاس تي ڌرڻو هنيو ويو آهي .

ڌرڻي سبب سنڌ پنجاب، بلوچستان ۽ ٻين علائقن کان ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون نيشنل هاءِ وي تي بيهجي ويون

پوليس پاران نيشنل هاءِ وي کولائڻ لاءِ مظاهرين سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر مظاهرين سيد جعفر شاهه جي آزادي تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو……………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز |  ڀٽ شاهه ۾ 8 محرم جي حوالي سان ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

ڀٽ شاهه ۾ 8 محرم جي حوالي سان ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے