23 سومر , جولاءِ 2018

نقيب الله قتل ڪيس:جاچ ٽيم جي رائو انوار کي سلطاني شاهد بڻجڻ جي آڇ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چاج ٽيم نئين  حڪمت عملي تحت نجيب محسود قتل ڪيس جي  مک  ملزم اڳوڻو ايس ايس پي ملير رائو انوار کي وعده معاف گواهه ٿيڻ جي صورٽ ۾ نرمي جي آڇ ڪئي  آهي. نقيب الله سميت 4 ڄڻن جي قتل جي هاءِ پروفائل ڪيس ۾ مفرور ملزم جي گرفتاري يقيني بڻائڻ لاءِ جاچ ٽيم نئي حڪمت عملي تحت رائو انوار ۽ ان جي ٽيم جي جوابدارن کي ڌار ڌار پيشڪش ڪري ڪيس جي جاچ جلد ختم ڪرڻ جو اشارو  ڏنو آهي ٻڌايو پيو وڃي  ته ان آڇ  جي نتيجن بعد جاچ ٽيم کي اميد ٿي آهي ته رائو انوار جي فرار ٿيل ساٿي به گرفتاري پيش ڪندو. ۽ ايندڙ ڪجهه ڏيهن ۾ ڪيس جي جاچ مڪمل ٿي سگهي ٿي. جي آءِ ٽي ۾ شامل اهم ميمبرن  نالا ظاهر نه ڪرڻ  جي شرط تي ٻڌايو آهي ته رائو انوار واري ڪيس ۾ جاچ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي ۽ جلد جاچ مڪمل ڪئي ويندي. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ ٽيم جي آفيسرن گرفتار ملزم رائو انوار کي ڪيس ۾ وعده معاف گواهه ٿيڻ جي صورت ۾ نرمي جي پيشڪش ڪئي آهي. ۽ انهن کي يقين ڏياريو آهي ته هو جيڪڏهن نقيب الله سميت 4 جي قتل ۾ جاچ ٽيم سان تعاون ڪندو ته مفرور شوٽر ٽيم اڳوڻي ايس ايڇ او شاهه لطيف امان الله مورت، اڳوڻو ايس ايڇ او سهراب ڳوٺ شعيب شوٽر، چوڪي انچارج اڪبر ملاح، فيصل سميت 5 مرڪزي ڪردار جي ڳهجي ٺڪاڻن جي نشاندهي ۽ انهن کي گرفتار ڪرائڻ ۾ مدد ڪري. ذريعن جو چوڻ آهي ته هن پيشڪش تي جوابدار رائوانوار جاچ ٽيم کان مهلت گهري آهي هو پنهنجي قانوني  ماهرن سان مشورا ڪرڻ کان پوءِ جواب ڏيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ختم نبوت ترميم سان منهنجو ڪو به واسطو ناهي: شفقت محمود

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شفقت محمود چيو آهي ته ختم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے