27 جمعہ , اپریل 2018

ايون فيلڊ ريفرنس : مريم نواز جي وڪيل جي واجد ضياءِ تي جرح مڪمل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)شريف خاندان جي خلاف ايون فيلڊ ريفنرس ۾ نواز شريف جي وڪيل جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءِ تي جرح مڪمل ڪري ورتي  آهي جنهن بعد عدالت 23 اپريل جي تاريخ العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي  ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير نيب طرفان داخل ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي نامزد ٽئي جوابدار نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز ۽ ناٺيءَ ڪيپٽن(ر) محمد صفدر عدالت ۾ پيش ٿيا.مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي وڪيل امجد پرويز اڄ مسلسل پنجين ڏينهن نيب جي شاهد واجد ضياءِ تي جرح ڪئي جنهن دوران هن جي پڇيل سوالن تي جي آءِ ٽي سربراهه جواب ڏيندو رهيو .مريم نواز جي وڪيل جي جرح مڪمل ٿي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب سردار مظفر عباسي عدالت کان استدعا ڪئي ته ٽنهي ايم ايل اين کي عدالتي ريڪارڊ لاءِ شاهد طور پيش ڪرڻ لاءِ اجازت ڏني وڃي جنهن جي وڪيل امجد پرويز طرفان سخت مخالفت ڪئي وئي.ٻڌڻي دوران امجد پرويز چيو ته هي ايم ايل اي پهريان ريڪارڊ جو حصو بڻيا ويا هئا، جنهن تي عدالت نيب جي اهڙي درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت مريم نواز جي وڪيل جي جرح مڪمل ٿيڻ تي ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي 20 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. احتساب عدالت العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي جي تاريخ 23 اپريل مقرر ڪندي جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءِ کي طلب ڪري ورتو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

يقين آهي ته خواجا آصف کي عدالت عظميٰ مان انصاف ملندو: شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي خواجا آصف جي خلاف نااهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے