25 بدھ , اپریل 2018

نيوز: بدين:گسٽا اڳواڻن ڊي اي او بدين  ۽ ڪلارڪ خلاف تحريڪ تيز، بک هڙتالي ڪيمپ قائم

*بدين ۾ گسٽا اڳواڻن ڊي اي او بدين  ۽ ڪلارڪ خلاف تحريڪ تيز ڪندي بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪري ورتي.

گورنمينٽ ھاءِ  اسڪول بدين اڳيان قائم ڪيل  بک ھڙتالي ڪئمپ تي گسٽا جي ضلعي صدر  محمد صديق سومرو،  ڪاشف ميمڻ،  نجم جمالي،  علي محمد رند،  محبوب جمالي،  بچل جمالي،  عبدالله ميمڻ ،  حليم نظاماڻي سميت 50 ڄڻا ڪئمپ تي ويٺل آهن.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ جيستائين ڊي اي او بدين  ۽ڪلارڪ کي نه ٿو ھٽايو وڃي ، اوستائين احتجاجن جو سلسلو جاري رهندو.

ٻئي پاسي  گسٽا بدين پاران پوري ضلعي ۾ احتجاجن جو سڏ ڏنو  ويوآھي……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات ٻارنهن وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-04-24

*وزير اعظم جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪونسل جو اجلاس *ٽن صوبن جي وڏن وزيرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے