23 سومر , جولاءِ 2018

ڪراچي:واٽر ڪميشن جي سربراهه جو ڪراچي جي ميئر کان پڇاڻو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم ڪراچي جي ميئر کان پڇاڻو ڪيو ته نهر خيام ڀرسان رستي جي اڏاوت جو ڇا ٿيو جنهن تي ميئر جواب ڏنو ته واٽر بورڊز جي نئين لائين وڇائڻ جا انتظام ڪري رهيا آهيون ، نئين لائين ۾ ڪجهه رنڊڪون آهن ٽينڊر جاري ڪرڻو پوندو .ان موقعي تي واٽر بورڊ جي چيف انجنيئر چيو ته تمام جلد ٽينڊر ڪيو ويندو جسٽس امير هاني مسلم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان اسان کي هڪ مهيني کان بيوقوف بڻائي رهيا آهيو ان موقعي مڪاني ادارن واري سيڪريٽري ٻڌايو ته ميئر چئي رهيو هو ته کيس روڊ ٺاهڻ کان روڪيو پيو وڃي پر کيس ڪميشن جي حڪم تي رستو ٺاهڻ جي اجازت ڏني وئي.ڪميشن جي ميمبرن چيو ته هڪ سماجي تنظيم بيوٽيفڪيشن ۽ سيوريج جي  ڪم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو جيڪڏهن اهو ڪم سماجي تنظيم ڪري تھ ڪي ايم سي لاءِ  ڪهڙو ڪم رهجي ويندو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي جو ٽن مرحلن تي ٻڌل اليڪشن سيڪيورٽي پلان تيار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پوليس چيف مشتاق مهر جو چوڻ آهي ته شهر جي لاءِ ٽن مرحلن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے