24 سومر , سيپٽمبر 2018

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ سنڌ پوليس ميگا ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ سنڌ پوليس ميگا ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي سميت ٻيا ملزم عدالت ۾ پيش ٿيا.ان موقعي تي وڪيل علي اضعر عدالت کي ٻڌايو ته آءِ جي کي پوليس ۾ ڀرتيون ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي ، غلام حيدر جمالي قانون موجب ڀرتيون ڪيون آهن .ان موقعي تي جسٽس اقبال ڪلهوڙو پڇاڻو ڪيو ته ڪيترن ماڻهن کي غير قانوني طور ڀرتي ڪيو ويو آهي .ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ملزمن پوليس کاتي ۾ لڳ ڀڳ 8 سئو ماڻهن کي غيرقانوني طور ڀرتي ڪيو آهي .ان موقعي جسٽس ڪي ڪي آغا رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن جايون خالي نه هيون ته ڀرتيون ڪيئن ڪيون ويون جسٽس اقبال ڪلهوڙو اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر  جمالي جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته جيڪي دستاويز هٿ ڪيا ويا آهن اهي ڪوڙا آهن ؟جنهن تي وڪيل چيو ته نيب جيڪا جاچ ڪئي آهي اها اثرائتي نه آهي  جنهن کانپوءِ عدالت ٻڌڻي 19 آپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف طرفان سنڌ ۾ نئون تنظيمي ڍانچو جوڙڻ جو فيصلو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سنڌ ۾ نئون تنظيمي ڍانچو جوڙڻ جو فيصلو ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے