26 جمعرات , اپریل 2018

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومت کي ججن کان سرڪاري گهر واپس وٺڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ حڪومت جي ججن کان سرڪاري گهر واپس وٺڻ کان روڪي ڇڏيو .اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ماتحت عدليا جي ججن کان گهر واپس وٺڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.جسٽس شوڪت عزيز صديقي 33 ججن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت هائوسنگ وازارت کي 28 مارچ تائين جو نوٽيفيڪيشن معطل ڪندي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تائين گهر واپس نٿا وٺي سگهجن.جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو آهي ته وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري هائوسنگ اينڊ ورڪس جي خلاف توهين عدالت جي ڪاروائي ڪنداسين، هائوسنگ وزارت جو ججن جا گهر واپس وٺڻ وارو نوٽيفيڪيشن ڪوڙ تي ٻڌل آهي.اسلام آباد ڊسٽرڪٽ بار جي ججن رهائشي علائقن ۾ عدالتون لڳائي ڇڏيو آهن. عدالت هائوسنگ، سيڪريٽري هائوسنگ ۽ اسٽيٽ آفيسر کي نوٽس جاري ڪندي جج قانون موجب گهرن ۾ رهڻ جي اهل آهن. جنهن بعدعدالت ڪيس تي وڌيڪ ٻڌڻي ٻن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام هاڻي خواجه آصف جي پاڇي کي به ووٽ ڏيندو: مريم نواز

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته عوام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے