27 جمعہ , اپریل 2018

جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ نواز شريف جي حق ۾ ايندڙ ثبوت شامل ناهن:دانيال عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)مملڪتي وزير دانيال عزير چيو آهي ته اڄ ٻڌڻي دوران واجد ضياءِ جي بيان مان واليم 10 جي سچ واضح ٿي ويو ، خبر پئجي وئي ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ عدالت کي گمراهه ڪرڻ لاءِ  ٺاهي وئي.احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته رپورٽ ۾ نواز شريف جي حق ايندڙ ثبوتن کي شامل ئي ناهي ڪيوويو.هن چيو ته جوابي اي ميل  نواز شريف جي صفائي ۾ استعمال ٿي سگهي پئي پر جوابي اي ميل کي رڪارڊ جو حصو نه بڻايو ويو .هن چيو ته جي آءِ ٽي اهو مڃيو ته اهم ريڪارڊ رپورٽ ۾ شامل ناهن، هن چيو ته قوم کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هڪ وزير اعظم سان هن ملڪ ڇا ٿي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يقين آهي ته خواجا آصف کي عدالت عظميٰ مان انصاف ملندو: شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي خواجا آصف جي خلاف نااهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے