23 سومر , جولاءِ 2018

احد چيما جي خلاف ليپ ٽاپ اسڪيم معاملي جي جاچ شروع

لاهور(ويب ڊيسڪ)نيب اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي اي احد چيما جي خلاف ليپ ٽاپ اسڪيم واري جاچ پڻ  شروع ڪري ڇڏي.نيب لاهور ڊيوليپمنٽ اٿارٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر احد چيما کي 21 فيبروري تي آشيانا هائوسنگ اسڪيم جي ايراضي ۾ ڳوٻهين جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو  گرفتاري کان هن وقت تائين هو جسماني ريمانڊ تي نيب جي تحويل ۾ آهي.ذريعن موجب  نيب احد چيما جي خلاف جاچ جو دائرو وڌيڪ اڳتي وڌائيندي هن خلاف سيڪريٽري هائر ايجوڪيشن طور ليٽ ٽاپ اسڪيم سان لاڳاپيل معاملي جي جاچ پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.ان حوالي سان  ذريعن جو چوڻ آهي ته احد چيما جي خلاف ليپ ٽاپ مهانگي اگهه تي خريدڻ جو الزام آهي،نيب لاهور الزامن جي تصديق لاءِ لاڳاپيل کاتن کان ريڪارڊ طلب ڪري ورتو جنهن ۾ احد چيما جي دور ۾ ليپ ٽاپ جي ورهاست جي انگ جي باري ۾ پڇيو ويو آهي.ٻئي پاسي نيب اختيارين احد چيما، نجي ڪمپني جي ڪنٽريڪٽر شاهد شفيق ۽ ٻين جوابدارن تي چوٿون ڀيرو 14 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ کين احتساب عدالت جي اڳيان پيش ڪيو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

ختم نبوت ترميم سان منهنجو ڪو به واسطو ناهي: شفقت محمود

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شفقت محمود چيو آهي ته ختم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے