26 جمعرات , اپریل 2018

نيوز: ڄام صاحب: جسقم پاران  سماجي اڳواڻ تي حملو ڪندڙ جوابدار جي گرفتاري لاءِ احتجاج

*ڄام صاحب ۾ جسقم پاران  سماجي اڳواڻ استاد حسين بخش ڏاھري تي قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدار جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

 حيدر سنڌي ، معشوق ڏاھري،  ڪامريڊ صدورو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  حسين بخش ڏاھري شريف ماڻهو آهي،  ھن سڄي زندگي ڄام صاحب سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان شهر جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو آهي، هن مٿان حملو کليل دھشگردي آهي.

ھنن چيو ته کڏڙو ٿاڻي جو ايس ايڇ او حملي آورن جي ڌر بڻيل آهي واقعي کي چوويھه ڪلاڪ گذرڻ باوجود اڃان تائين ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي.

احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي سانگهڙ ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کان مطالبو ڪيو تھ ايس ايڇ او کڏڙو خلاف ڪارروائي ڪري سماجي اڳواڻ کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:پنگريو: آبادگارن ۽ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن  جو زرعي پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

* پنگريو ۾ سوين آبادگارن ۽ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن  شادي سمال واھ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے