23 سومر , جولاءِ 2018

ڪراچي:منگهي پير مان 6 ورهين جي نينگري جو تشدد ٿيل لاش هٿ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي منگهي پير ۾ گند جي ڍير مان ملندڙ 6 ورهين جي نينگري جي سڃاڻپ رابعه جي نالي طور ٿي آهي.پوليس موجب نينگري اورنگي ٽائون بلوچ محلي جي رهائشي آهي. جيڪا آچر ڏينهن گهر کان راند کيڏڻ لاءِ  نڪتي هئي ۽ ان بعد گم ٿي وئي.پوليس موجب نينگري جي والد اورنگي ٽائون ٿاڻي ۾ گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرايو هو .گذريل رات ٻارڙي جو تشدد ٿيل لاش منگهي پير ۾ گند جي ڍير تان هٿ آيو آهي.پوليس موجب نينگري جي ڊي اين اي سيمپل ورتا ويا آهن ۽ رپورٽ اچڻ بعد ئي جاچ ۾ اڳڀرائي ڪري سگهجي ٿي.ٻئي پاسي نينگري جي وارثن اڄ احتجاج ڪندي ڪٽي پهاڙي ويندڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو احتجاج ڪندڙن سان ڳالهين لاءِ  پوليس جي وڏي نفر پڻ ڪٽي پهاڙي پهتي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي جو ٽن مرحلن تي ٻڌل اليڪشن سيڪيورٽي پلان تيار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پوليس چيف مشتاق مهر جو چوڻ آهي ته شهر جي لاءِ ٽن مرحلن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے