27 جمعہ , اپریل 2018

نوازشريف سميت ڪنهن به سياسي پارٽي لاءِڳالهين جادروازا بندناهن:خورشيد شاهه

سلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته نواز شريف سميت ڪنهن به سياسي پارٽي سان ڳالهين جا دروازا بند ناهن ڪيا.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته سڀني کي گڏ وٺي وڃڻ چاهيان ٿو، نواز شريف سميت ڪنهن به سياسي پارٽي سان ڳالهين لاءِ دروازا بند ناهن ڪيا.نگران وزير اعظم جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت کي چيو آهي ته 15 مئي تائين نگران وزير اعظم جو نالو فائنل ڪرڻ گهرجي، پر نگران وزير اعظم جو فيصلو مونکي ۽ وزير اعظم کي ڪرڻو آهي.خورشيد شاهه چيو ته پي ٽي آءِ جي اڳواڻن سان ڳالهيون جاري آهن، هن چيو ته پي ٽي آءِ سان رابطو ڪيو پر انهن ڪو جواب نه ڏنو آهي،تحريڪ انصاف جا نالا ميڊيا ذريعي مون تائين پهچي ويا آهن، هاڻ ساڻن ملاقات ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو، ها پر  پي ٽي آءِ طرفان نالن جي اعلان تي حيران آهيان، هڪ سوال جي جواب ۾ مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته راءِ جو اظهار ڪرڻ تي پابندي نه هجڻ گهرجي، جهموريت ۽ آمريت ۾ پوءِ ڪهڙو فرق رهندو جڏهن ته اظهار جي آزادي کي رياست جي خلاف استعمال نه ڪرڻ گهرجي ۽ قانون به ان جي اجازت نٿو ڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يقين آهي ته خواجا آصف کي عدالت عظميٰ مان انصاف ملندو: شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي خواجا آصف جي خلاف نااهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے