24 سومر , سيپٽمبر 2018

طيبه تشدد ڪيس: اڳوڻي جج ۽ سندس گهرواريءَ کي هڪ،هڪ سال قيد جي سزا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گهريلو ملازمه طيبه تي تشدد واري ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي ايڊيشنل سيشن جج خرم علي خان ۽ سندس گهرواري ماهين ظفر کي هڪ هڪ سال قيد ۽ 50_50 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.طيبه تشدد ڪيس جو فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس عامر فاروق ٻڌايو جيڪو 27 مارچ 2018 تي محفوط ڪيو ويو هو . عدالت جوابدار خرم علي خان ۽ سندس گهرواري ماهين ظفر کي پڻ طلب ڪري ورتو ڪيو هو، عدالت 27 مارچ تي سمورا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو .گهر ۾ پورهيو ڪندڙ معصوم طيبه تي تشدد جو واقعو 27 ڊسمبر 2016 تي پيش آيو هو ۽ پوليس 29 ڊسمبر تي اڳوڻي ايڊيشنل جج راجا خرم جي گهر مان طيبه کي قبضي ۾ ورتو هو .تشدد جي واقعي ۾ ملوث ٻنهي جوابدارن جي خلاف آءِ نائن ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو جڏهن ته 3 جنوري 2017تي طيبه جي والدين راجا خرم ۽ سندس گهرواري کي معاف ڪري ڇڏيو ، پر بعد راضي نامو سامهون اچڻ تي چيف جسٽس ثاقب نثار معاملي جو پاڻ مرادو نوٽس ورتو هو .سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پوليس 8 جنوري 2017 تي طيبه کي آزاد ڪرائي پيش ڪيو هو .جڏهن ته عدالتي حڪم تي 12 جنوري 2017 تي راجا خرم علي خان کي جج طور ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو هو .جنهن بعد چيف جسٽس آف پاڪستان ڪيس جو ٽرائل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اماڻيو هو جتي 16 مئي 2017 تي جوابدار مٿان فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو .هن ڪيس ۾ مجموعي طور تي 19 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا هئا جن مان 11 سرڪاري جڏهن ته طيبه جي والدين سميت 8 غير سرڪاري ماڻهون شامل هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Fake Bank Account Cases: I submitted an earlier pre-report report

جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس: جي آءِ ٽي پهرين اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس جي ٻڌڻي دوران گڏيل جاچ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے