18 اربع , جولاءِ 2018

سنڌ مان وڌيڪ ماڻهو گم ڪيا ويا، مشرف ڊالرن عيوض شهري پرڏيهين کي ڏنا:ڪميشن رپورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گم ڪيل ماڻهن بابت ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته غير ملڪي ايجنسيون ماڻهن کي گم ڪري آءِ ايس آءِ تي الزام لڳائڻ چاهن ٿيون.پرويز مشرف دور ۾ ڊالرن عيوض ماڻهو آمريڪا حوالي ڪيا ويا.  اسلام آباد ۾ انساني حقن بابت قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس زهرا ودود فاطمي جي سربراهي ۾ ٿي گذريو، گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ جوڙيل ڪميشن  جي سربراهه (ر) جاويد اقبال ڪميٽي کي بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته اڪثر بازيات ٿيندڙ ماڻهن خوف سبب ڪميشن اڳيان سچ ٻڌائڻ کان لهرائن ٿا، گم ٿيل ماڻهن مان ستر سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهون عسڪريت پسندي ۾ ملوث رهيا آهن، جيڪڏهن ڪو شخص دهشتگرد آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته سندس گهر وارا به دهشتگرد هجن، گم ٿيل ماڻهن جي خاندان جي تحفظ جي ذميواري رياست جي آهي.جاويد اقبال چيو ته ايم ڪيو ايم جي قيادت جي پنهنجن گم ٿيل ڪارڪنن جي معاملي تي دلچسپي نه وٺڻ جي سبب جي خبر آهي ايم ڪيو ايم کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو پڻ مليو ۽ عشرت العباد سنڌ جو گورنر پڻ رهي چڪو آهي پر اختيار ملڻ باوجود ايم ڪيو ايم پنهنجي گم ٿيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڪي قدم نه کنيا، ايم ڪيو ايم جي ڪجهه گم ٿيل ڪارڪنن جي 20 ورهيه گذرڻ باوجود اڃان تائين ڪا خبر ناهي پئجي سگهي، عشرت العباد گم ٿيل ڪارڪنن جي وارثن کي پلاٽ ۽ هڪ نوڪري ڏني ۽ معاملو ختم ڪري ڇڏيو.جسٽس (ر) جاويد اقبال موجب هن وقت ايم ڪيو ايم جي 14 گم ڪيل ڪارڪنن جا ڪيس ڪميشن وٽ ٻڌڻي هيٺ آهن، ايم ڪيو ايم جي گم ڪيل ماڻهن جو انگ خطرناڪ حد تائين پهچي چڪو آهي، ان حوالي سان گڏيل قومن جي اداري جي ورڪنگ گروپ سنجيدگي سان نوٽيس ورتو آهي، ڪميشن وٽ ايم ڪيو ايم ڪارڪنن جا 29 ڪيس موجود آهن، جيڪي 1992 کان 1995 تائين جا آهن.جسٽس (ر) جاويد اقبال ٻڌايو ته مشرف جي  دور ۾ گهرو وزير آفتاب شيرپائو چار هزار پاڪستانين کي غيرملڪين جي حوالي ڪيو، پرويز مشرف پاڪستانين کي غيرملڪين جي حوالي ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو ، مشرف ۽ شير پائو جي قدمن جي خلاف پارليامنٽ ۾ آواز اٿاريو ويو، پارليامينٽ کي مشرف ۽ شيرپائو جي کنيل قدمن جي جاچ ڪرائڻ گهربي هئي، پڇاڻو ڪرڻ گهربو هو ته آخر ڪهڙي قانون جي تحت پاڪستانين کي غير ملڪين جي حوالي ڪيو ويو ،ملڪ ۾ پارليامينٽ، آئين، عدالتون هجڻ جي باوجود ڪيئن ڪنهن پاڪستاني کي غيرملڪ جي حوالي ڪيو ويو .جاويد اقبال پاڪستانين جي غير ملڪين جي حوالي ڪرڻ جو طريقو ٻڌائيندي چيو ته پاڪستانين جي حوالگي جو ڪو به معاهدو نه هجڻ ڪري پاڪستانين کي ڳجهي نموني سان غير ملڪين جي حوالي ڪيو ويو جنهن جي عيوض ڊالر حاصل ڪيا ويا، اهو نه پڇيو وڃي ته ڪيترا ڊالر مليا، ملڪ دشمن ايجنسيون پڻ گم ٿيل ماڻهن جي معاملي ۾ ملوث رهيون آهن، هي ايجنسيون ماڻهن کي کنڀي آءِ ايس آءِ  ۽ ايم آءِ تي الزام لڳائڻ چاهن ٿيون.جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته غير ملڪي اين جي اوز تي پابندين جي حق ۾ آهيان، ڇو ته ا هي ملڪ بجاءِ غير ملڪين جي مفاد ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، انهن کي فنڊنگ پڻ غير ملڪين کان ملي رهي آهي، منهنجي اختيار ۾ هجي ها ته اين جي اوز تي پابندي لڳائي ڇڏيان ها پر سياست اڳيان اچي وڃي ٿي، شڪيل آفريدي جي ڪردار سان عالمي اين جي اوز جي ڪردار جي پرک ڪري سگهجي ٿي.جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال ٻڌايو ته بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان سامهون ايندڙ انگ اکر حقيقت کان مختلف آهن، بلوچستان ۾ مختلف گروپ آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو انهن ۾ شامل ٿي ويا آهن،بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير اسلم رئيساڻي ۽ نصرالله بلوچ کي فهرست فراهم ڪرڻ جو چيو هو پر ڪنهن به فهرست فراهم ناهي ڪئي .جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال ٻڌايو ته گم ڪيل ماڻهن جي جي معاملي تي غير ملڪي ليڊرن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪميشن کي گم ماڻهن جا 4929 ڪيس مليا آهن، مارچ 2011 کان فيبروري 2018 تائين ڪميشن 3219 ڪيس اڪلائي ڇڏيا.هن وقت ڪميشن وٽ گم ماڻهن جا 1710 ڪيس جاچ هيٺ آهن، گذريل ٻن سالن ۾ ڪميشن کي گڏيل قومن جي اداري جي ورڪنگ گروپ  طرفان پڻ گم ٿيل ماڻهن جا 368ڪيس مليا آهن.جن مان گهڻن جو تعداد سنڌ مان آهي،آگسٽ 2016 ۾ ڪراچي مان 68 گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳايو ويو آهي، جيڪي جيل ۾ قيد هئا يا واپس گهر موٽي ويا هئا.جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال بريفنگ ۾ چيو ته ڪراچي مان 368 گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن مان 309 ڪيس اڪلائي ڇڏيا آهن، مئي 2017 ۾ گڏيل قومن جي اداري جي ورڪنگ ڪميٽي جي جنيوا ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ پاڪستان جي خلاف گم ٿيل ماڻهن جا 723 ڪيس داخل ٿيا،انهن مان هاڻ 505 ڪيس اڪلائي ڇڏيا آهن پر ان باوجود 218 ڪيس ڪميشن وٽ جاچ هيٺ آهن، انهن مان 14 افغان شهرين جاپڻ ڪيس شامل آهن، جيڪي 1982 کان 1986 ۾ پاڪستان مان گم ٿيا.ڪميٽي جي ميمبر نسيما حفيظ چيو ته ملڪ ۾ منظور پشتين کي ميڊيا تي نظراندار ڪيو پيو وڃي، هو گم ٿيل ماڻهن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، سندس جلسي ۾ عورتون شامل هيون جن جي هٿن ۾ سندن خاندان جي ٻن،  ٽن گم ٿيل فردن جو تصويرون کنيل هيون، جاويد اقبال چيو ته منظور پشتين سان رابطو ڪندس، هن سان گم ٿيل ماڻهن جي فهرست واري معاملي کي ڏسندس.جاويد اقبال چيو ته پاڪستان مان تمام گهڻا ماڻهو پرڏيهه منتقل ڪيا ويا پر حڪومت جي دلچسپي نه هجڻ سبب ڪارروائي نه ٿي سگهي. شير پائو پريس ڪانفرنس ۾ ته ٻڌايو پر حڪومت ۾ هوندي ڪابه ڪارروائي نه ڪئي. هن چيو ته ايبٽ آباد ڪميشن رپورٽ ۾ تجويزون به پيش ڪيون پر ان تي ڪابه ڪارورائي نه ٿي سگهي. اين جي اوز تي به پابندي نه لڳائي وئي. ايم اين اي شازيه ثوبيه چيو ته پارليامينٽ ميمبر سولو هدف آهن. انهن تي سرعام تنقيد ٿيندي آهي جڏهن ته ادارا رنڊڪون پيدا ڪندا آهن. زهره فاطمي چيو ته پنجن سالن دوران پارليامينٽرين سان رويو سڀني جي سامهون  آهي. هر طرف جهيڙن سان منهن ڏيڻو پوندو. عورت ميمبرن ۾ منهن ماري پڻ ٿي جاويد اقبال چيو ته گم ڪيل ماڻهن بابت جاچ دوران ڪو به دٻاءُ نه هو ۽ نه ئي نئب چيئرمين طور ڪو دٻاءُ آهي. ڪنهن دٻاءَ وڌو ته گهر هليو ويندس. نئب بنا فرق ڪارروايون پيو ڪري. هن چيو ته ايبٽ آباد ڪميشن جي رپورٽ کي منظر عام تي ناهي آندو ويو. ڪجهه مصلحتن سبب ملڪي مفاد داءَ تي هوندو آهي. جنهن تي حڪومتون به ڪارروائي نه ڪنديون آهن. هن چيو ته مشرف دور ۾ شير پائو ۽ مشرف خلاف پارليامينٽ ۾ ڪو به آواز نه اٿاريو ويو. 1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

چورن ۽ لٽيرن کي شڪست ڏيڻ لاءِ ميدان تي لٿل آهيون:عائشه گلالئي

سجاول (ڊ ر)چورن لٽيرن ۽ عياش ماڻهن جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ پنهنجي ابا بيلن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے