22 آچر , جولاءِ 2018

اڳوڻي عراقي صدر صدام حسين جو مقبرو تباهه

بغداد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي عراقي صدر صدام حسين جو مقبرو تباهه ٿي ويو  جڏهن ته سندس مڙهه پڻ خبر مان گم آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب عراق جي شهر تڪريت جي علائقي الوجا ۾ صدارم حسين جو مقبرو تباهه ٿي چڪو آهي، ۽ قبر ۾ صدام جو مڙهه پڻ موجود ناهي.رپورٽن موجب اڳوڻي عراقي صدر جي قبيلي ابونصر جي سربراهه شيخ مناف علي الندا ٻڌايو ته صدام حسين جي مقبري جي ڇت تي موجود داعش جي اسنائپر کي نشانو بڻائڻ لاءِ عراقي جنگي جهاز  بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ مقبرو تباهه ٿي ويو. شيخ مناف موجب هو حملي وقت واقعي واري هنڌ موجون نه هيو، پر مقبرو تباهه ٿي چڪو آهي ۽ صدام حسين جي قبر ۾ سندس مڙهه موجود ناهي.ياد رهي ته 28 اپريل تي صدام حسين جي سالگرهه جي موقعي تي سندس قبيلي جي ماڻهن مقبر تي حاضري ڀريندا آهن جڏهن ته هن سالگرهه تي اسڪولي ٻارڙن کي پڻ صدام حسين جي مزار تي اچڻو هو .ٻئي پاسي علائقي جي سيڪيورٽي چيف لغراوي چيو آهي ته صدام حسين جو مڙهه اتي ئي موجود آهي جڏهن تي واويلا ڦهلائي پئي وڃي ته صدام حسين جي جلاوطن نياڻي هالا خانگي جهاز تڪريت پهتي ۽ پنهنجي والد جي قبر ڪشائي بعد مڙهه اردن کڻي وئي آهي. ان حوالي سان مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هالا ڪڏهن به عراق واپس ناهي آئي، صدام حسين جي قبر کوٽيل هئي ۽ مڙهه پڻ گم آهي، ڪا به ڄاڻ ناهي ته مڙهه کي ڪيڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي ان پويان ڪهڙيو طاقتو لڪيل آهن.مقامي ماڻهن چيو ته صدام حسين جي والد جو مقبرو به ڳوٺ جي اندر ايندڙ رستي تي آهي، جنهن کي ڌماڪي سان اڏايو ويو هو .واضح رهي ته صدام حسين ساڍن 23 ورهين تائين عراق تي حڪومت ڪئي، آمريڪا طرفان عراق تي ڪيميائي هٿيار ٺاهڻ جي الزام بعد چڙهائي ڪئي وي ۽ صدام حسين جي حڪومت کي مقامي ماڻهن جي مدد سان ختم ڪيو ويو جنهن بعد آمريڪا عراق ۾ ڪيميائي هٿيارين جي موجودگي کي رد ڪيو .30 ڊسمبر 2006 صدام حسين کي ڦاهي ڏني وئي جنهن بعد کيس تڪريت جي علائقي الوجا ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيوويو هو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

Today, the movement of confidence against Indian Prime Minister Narendra Modi will be presented today

ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ اڄ پيش ڪئي ويندي

نئي دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ اڄ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے