25 بدھ , اپریل 2018

ڪرپٽ حڪمران ادارن کي تباهه ڪري رهيا آهن: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته قابليت ۽ هنر ۾ پاڪستانين جو ڪو به مٽُ ناهي، ڪرپٽ حڪمرانن اهليت ۽ هنر مند ماڻهن لاءِ پاڪستان جي زمين تنگ ڪري ڇڏي آهي، تحريڪ انصاف سڄي دنيا ۾ وکريل پاڪستاني ٽيلنٽ واپس آڻيندي. تفصيل موجب پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان دبئي ۾ پاڪستاني واپاري ممتاز مسلم سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي امڪانن تي خاص خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي علي زيدي، نعيم الحق ۽ زلفي بخاري به ملاقات ۾ موجود آهي. ملاقات ۾ عمران خان چيو ته پرڏيهه ۾ پاڪستاني قوم جو سيڙپ آهي، قابليت ۽ هنرمند پاڪستانين جو ڪو به مٽُ ناهي، ڪرپٽ حڪمرانن اهليت ۽ هنرمندن لاءِ پاڪستان جي زمين تنگ ڪري ڇڏي آهي. پي آٽي آءِ جي سربراهه جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سڄي دنيا ۾ وکريل پاڪستاني ٽيلنٽ کي واپس آڻيندي، مختلف شعبن جا ماهر وطن واپس آڻينداسين. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آمريڪا پسڪتان کي ٽشو پيپر جيان استعمال ڪندو آهي ۽ ٽرمپ پاڪستان بابت جي ڀارت ٻولي ڳالهائي رهيو آهي. روسي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته آمريڪا جي ننڍڙي امداد پاڪستان کي ڪيتري مهانگي پئي ۽ آمريڪي جنگ ۾ شرڪت تي پاڪستان کي 70 هزار  جانين جو نقصان کڻڻو پيو، آمريڪي امداد اسان جي نقصانن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به ناهي. هن چيو ته آمريڪي جنگ ۾ شرڪت تي پرڏيهي ڪرڪيٽ ٽيمن پاڪستان اچڻ ڇڏيو، آمريڪا پاڪستان کي ٽشو پيپر جيان استعمال ڪندو آهي. ٽرمپ پاڪستان بابت ڀارت جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي. 0429

هي به ڏسي سگهو ٿا

جسٽس ثاقب سيڪريٽري هو، نئب جاچ ڪري ته چيف جسٽس ڪيئن بڻيو: نواز شريف

اسلام آباد ( بيورو ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته نئب  جاچ ڪري ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے