18 اربع , جولاءِ 2018

جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي حملي جي رپورٽ چيف جسٽس حوالي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پوليس جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ جي واقعي جي شروعاتي جاچ رپورٽ چيف جسٽس ثاقب نثار ڏانهن اماڻي ڇڏي. لاهور جي علائقي ماڊل ٽائون ۾ گذريل ڏينهن اڻ ڄاتل ماڻهن طرفان سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس  اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ ڪئي هئي.پوليس واقعي جي شروعاتي رپورٽ چيف جسٽس کي پيش ڪري ڇڏي جنهن موجب گولي ڪافي فاصلي کان لڳي فائرنگ جي واقعي مان پوليس کي صبح 10 لڳي 45 منٽن تي آگاهه ڪيو ويو. پاڪستان رينجرز جي شفت انجارچ نائيڪ عبدالرزاق شڪايت  داخل ڪرائي، پوليس موجب جسٽس اعجاز جي گهر جي مين گيٽ جي مٿائين حصي کي گولي لڳي، پنجاب فرانزڪ ايجنسي کي تجزيو ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو جنهن سمورن ثبوتن ۽ رڪارڊن کي محفوظ ڪري ورتو، فرانزڪ ايجنسي پنهنجي رپورٽ سومر ڏينهن پيش ڪندي.شروعاتي جاچ موجب گولي پري کان فائر ڪئي وئي آهي، جنهن طرف کان گولي آئي آهي ان پاسي جاچ جي شروعات ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ ويجهن علائقن ۾ سرچ آپريشن پڻ ڪيا ويا آهن، پنجاب فرانزڪ ايجنسي واقعي واري هنڌ تان ملندڙ گولي جا فائر آرمز اينڊ ٽول مارڪس ۾ مشاهدي لاءِ موڪلي ڇڏيا آهن.ماڊل ٽائون ۾ جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي ٻه ڀيرا فائرنگ ٿي، فائرنگ جي واقعا ڇنڇر جي رات 45_10 منٽن ۽ آچر جي صبح 45_09 منٽن تي پيش آيا.چيف جسٽس پاڪستان ثاقب نثار جسٽس اعجاز الاحسن جي رهائشگاهه جو دورو ڪيو ۽ صورتحال جو جائزو ورتوهو .واقعي جو ڪيس اڻ ڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ دهشتگردي جا قلم پڻ شامل ڪيا ويا آهن، جسٽسن اعجاز الا حسن پاناما ڪيس جي فيصلي تي عملدرآمد جي نگران جج پڻ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چورن ۽ لٽيرن کي شڪست ڏيڻ لاءِ ميدان تي لٿل آهيون:عائشه گلالئي

سجاول (ڊ ر)چورن لٽيرن ۽ عياش ماڻهن جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ پنهنجي ابا بيلن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے