22 آچر , جولاءِ 2018

سنڌ اسيمبلي ٻاهران وڪيلن تي لٺبازي، شيلنگ، 30 کان وڌيڪ گرفتاري بعد آزاد

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي ٻاهران احتجاج ڪندڙ سرڪاري وڪيلن ۽ استادن خلاف پوليس ڪريڪ ڊائون ڪري 30 کان وڌيڪ مظاهرين کي گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن  ۾ بند ڪري ڇڏيو، گذريل ڏينهن 8 ڏينهن به سرڪاري وڪيلن  ٿري بيسڪ الائونس  ۽ ست سالن کان ترقيون نه ملڻ خلاف سنڌ اسميبلي جي مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏهن سرڪاري وڪيلن جي مظاهري دوران 2012 ۾ ڀرتي ٿيل سنڌي لينگيوئيج ٽيچرز به پهچي ويا، ٻنهي ڌرين جي احتجاج دوران سنڌ اسميبلي، سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ آرٽس ڪائونسل ڏانهن ويندڙ روڊ بلاڪ ٿيڻ سان گڏ ٽريفڪ جام ٿي وئي، ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي ۽ ڀرپاسي پوليس جي وڏي نفري گهرائي وئي، پوليس پهچڻ شرط مظاهرين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڏنو، 30 کان وڌيڪ سرڪاري وڪيلن ۽ استادن کي گرفتار ڪري آٽلري ميدان ۽ ٻين ٿاڻن تي منتقل ڪيو ويو، ذريعن موجب گرفتار ڪيلن ۾ 27 سرڪاري وڪيل ۽ 5 استاد شامل آهن، هوڏانهن 45 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف حڪومت رات جو دير سان وڪيلن کي آزاد ڪري ڇڏيو، جيڪي اسيمبلي آڏو ڌرڻي ۾ پهچي ويا، وڪيلن اڄ احتجاج جاري رکندي ميمبرن کي سنڌ اسيمبلي ۾ وڃڻ جي اجازت نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. 0429

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽنگيل پارليامينٽ بدقسمتي هوندي، پ پ سنڌ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو:عمران خان

اسلام آباد/ملتان (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ٽنگيل پارليامينٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے